اسلام آباد – 19 نومبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ ايشيائي ترقياتي بئنڪ موسمياتي تبديلين جي قدمن ۽ آفتن کي منهن ??يڻ لاءِ فنانسنگ جي سلسلي ۾ 50 ڪروڙ ڊالرن جي معاهدي تي صحيحُون ڪري ڇڏيُون آهن. معاهدو ڪلائيميٽ اينڊ ڊزاسٽر ريزيلينس اينهانسمينٽ پروگرام تحت ڪيو ويو آهي. معاهدي تي صحيحن واري تقريب اقتصادي مع??مل?? واري وزارت ۾ منعقد ٿي. ان کان اڳ اقتصادي مع??مل?? واري وفاقي وزير احد خان چيمه ان معاهدي جي منظوري ڏني هئي. اقتصادي مع??مل?? واري سيڪريٽري ڊاڪٽر ڪاظم نياز ۽ پاڪستان ۾ ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ايمافان معاهدي تي صحيحي ڪئي. ان موقعي تي پاڪستان ۽ اي ڊي بي جا سينئر عملدار پڻ موجود هئا. وفاقي وزير احد خان چيمه چيو آهي، ته معاهدي سان پاڪستان جي موسمياتي تبديلين جي قدمن کي ترجيح ڏيڻ ۽ ڊزاسٽر رسڪ فنانسنگ کي هڪ م??بو?? حڪمت عملي تحت وڌائڻ جي عزم جي عڪاسي ٿي رهي آهي. وزارت جي سيڪريٽري ۽ اي ڊي بي جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ان موقعي تي چيو ته معاهدي جو مقصد پاڪستان جي موسمياتي تبديلين س??ن هڪجهڙائي پيدا ڪرڻ ۽ قدرتي آفتن جي خطرن کي گهٽائڻ جي صلاحيتن کي مضبوط بڻائڻ آهي. هن ٻڌايو ته پروگرام جو بنيادي مقصد اداراجاتي فريم ورڪ کي بهتر بڻائڻ آهي ته جيئن ڊزاسٽر رسڪ ميپنگ، رسپانس ڪو آرڊينيشن ۽ صنفي حساسيت تي ٻڌل سرڪاري سيڙپڪاري ۾ بهتري آڻي سگهجي. معاهدي تحت پاڪستان ۾ موسمياتي تبديلين جي اثرن کي منهن ??يڻ لاءِ مالياتي ۽ فني معاونت فراهم ڪئي ويندي جنهن ذريعي خطرن جو اثرائتي انداز ۾ ڪاٿو ??ڳا??ي سگهبو. ان کي منهن ??يڻ لاءِ م??بو?? قدم کڻي سگهبا.
پاڪستان ۽ ايشيائي ترقياتي بئنڪ پاران موسمياتي تبديلي جي قدمن ۽ آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ فنانسنگ جي 50 ڪروڙ ڊالر جي معاهدي تي صحيحُون
مضمون کا ماخذ : raspadinha آن لائن