اسلام آباد – 22 – نومبر (اي پي پي) ??زي??اعظم محمد شهباز شريف انفارميشن ٽيڪنالاجي روانگي واپار کي 25 ارب ڊالر تائين پهچائڻ جي لاءِ حڪمت عملي کي ساراهيندي هدايت ڪئي آهي ته هايئر ايجوڪيشن ڪميشن نوجوانن کي عالمي معيار جي تعليم ۽ تربيت فراهم ڪرڻ جي لاءِ حڪمت عملي تيار ڪري ۽ سمورا لاڳاپيل ادارا ان حوالي سان گڏجي ڪم ڪن. ??زي??اعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار ??زي??اعظم پنهنجي صدارت ۾ آءِ ٽي شعبي جي سڌارن تي جائزه اجلاس ۾ ڪيو. اجلاس ۾ اقتصادي معاملن واري وفاقي ??زي?? احد خان چيما، انفارميشن ٽيڪنالاجي واري مملڪتي ??زي?? شزه فاطمه خواجه ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس کي آءِ ٽي شعبي جي روانگي واپار کي 25 ارب ڊالر تائين پهچائڻ جي لاءِ هر شعبي جي صلاحيت کان آگاهه ڪيو. ??زي??اعظم ج?? آءِ ٽي شعبي کي ترجيح بڻائڻ جي ويزن جي نتيجي ۾ گذريل چئن مهينن ۾ آءِ ٽي شعبي جي روانگي واپار ۾ 34 سيڪڙو اضافو ٿيو. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته اي گورننس جي حوالي سان پاڪستان عالمي رينڪنگ ۾ 14 درجا بهتر ٿيو، 2500 نيون آءِ ٽي ڪمپنيون رجسٽرڊ ٿيون جڏهن ته پاڪستان جي آءِ ٽي رينڪنگ 79 مان بهتر ٿي 40 ٿي وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ايندڙ 5 سالن ۾ آءِ ٽي شعبي جي روانگي واپار جي حوالي سان 15 ارب ڊالر، ٽيلي ڪام روانگي واپار سان 1 ارب ڊالر جڏهن ته ڊيجيٽائيزيشن سان 10 ارب ڊالر حاصل ڪرڻ جو هدف رکيو ويو آهي. اجلاس کي آءِ ٽي شعبي جي روانگي واپار جي موجوده صورتحال کان پڻ آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي تجويز ڪيل ليبر مئنيجمينٽ سسٽم ج?? حوالي سان پڻ بريفنگ ڏني وئي جنهن تحت صنعتن کان طلب جي ڊيٽا استعمال ڪرڻ کانپوءِ تعليمي ادارن جي تعاون سان افرادي قوت جي صلاحيت وڌائي روزگار ??ي فراهمي يقيني بڻائي ويندي. اجلاس کي آءِ ٽي شعبي ۾ ڪم ڪندڙ نوجوانن خاص طور تي فري لانسرز کي مٽاسٽا جي ناڻي ۾ سهولت جي لاءِ تجويز ڪيل منصوبي جي حوالي سان پڻ آگاهه ڪيو ويو. ان موقعي تي ??زي??اعظم چيو ته پاڪستان وٽ باصلاحيت افرادي قوت ۽ وسيلن جي کوٽ نه آهي. وسيلن جي بهتر استعمال ۽ افرادي قوت کي تعليم ۽ تربيت جي ذريعي پاڪستان جو آءِ ٽي روانگي واپار 25 ڊالر کان به وڌي سگهي ٿو. ??زي??اعظم هدايت ڪئي ته آءِ ٽي شعبي جي سڌارن جي پيش ڪيل حڪمت عملي بهترين آهي، ان تي عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي. آءِ ٽي روانگي واپار ۾ اضافي جي لاءِ پيش ڪيل سڌارن جي راهه ۾ ايندڙ چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ سمورا ادارا گڏجي تعاون ڪن. ??زي??اعظم چيو ته آءِ ٽي شعبي جي سڌارن تي عملدرآمد جي آئون پاڻ نگراني ڪندس. ??زي??اعظم هدايت ڪئي ته پاڪستاني نوجوانن کي عالمي معيار جي تعليم ۽ تربيت ۽ هنر ڏيڻ جي لاءِ هايئر ايجوڪيشن ڪميشن هڪ حڪمت عملي تيار ڪري. پاڪستاني آءِ ٽي ماهرن جي نار ملڪن ۾ طلب موجود آهي، ان حوالي سان پڻ تجويزن کي جلد عملي جامعو پارايو وڃي. ??زي??اعظم آءِ ٽي روانگي واپار کي وڌائڻ جي حوالي سان واضح هدف جوڙڻ ۽ هر قدم ج?? حوالي سان مدي جي تعين جي هدايت ڪئي. ??زي??اعظم آءِ ٽي شعبي جي سڌارن جي لاڳو ۽ مختلف ادارن سان تعاون ??ي فروغ جي لاءِ ڪميٽي قائم ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. ??زي??اعظم عالمي پيمنٽ گيٽ ويز جي حوالي سان ان قدم کي بهتر قرار ڏيندي ان تي جلد عملدرآمد جي هدايت ڪئي. اجلاس کي ٽيلي ڪام شعبي جي حوالي سان سڌارن بابت آگاهه ڪيو ويو. ??زي??اعظم آءِ ٽي شعبي جي روانگي واپار ۾ اضافي جي حڪمت عملي تي اطمينان جو اظهار ڪيو، انفارميشن ٽيڪنالاجي واري مملڪتي ??زي?? ۽ سندس ٽيم ج?? ڪوششن کي ساراهيو. ??زي??اعظم مقرر مدي ۾ ان تي عملدرآمد جي هدايت پڻ ڪئي.
وزيراعظم پاران انفارميشن ٽيڪنالاجي روانگي واپار کي 25 ارب ڊالر تائين پهچائڻ جي لاءِ حڪمت عملي جي واکاڻ
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کا اطلاق