رياض – 03 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ فرانس جي صدر ايمانوئل ميڪرون ٻن??ي ملڪن جي وچ ۾ زراعت، لائيو اسٽاڪ، انفارميشن ٽيڪنالاجي، پيشيواراڻي مهارتن ۾ ترق?? ۽ ??يئڻ جي صاف پاڻي جي شعبن ۾ بزنس ٽو بزنس رابطن جي ذريعي تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ۽ گڏيل دلچسپي جي سمورن علائقائي ۽ عالمي مسئلن جي حوالي سان رابطن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي گڏيل خواهشن جو پڻ ورجاءُ ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ون واٽر سربراهي اجلاس جي موقعي تي فرانس جي صدر ايمانوئل ميڪرون سان ٻطرفي ملاقات ٿي. وزيراعظم رياض ۾ ون واٽر سمٽ جي ڪامياب گڏيل ميزباني تي صدر ميڪرون کي مبارڪباد ڏني. موسمياتي تبديلي ۽ ترقياتي معاملن تي فرانس جي قائداڻي ڪردار کي ساراهيندي وزيراعظم 2022ع جي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جي ڏس ۾ صدر ميڪرون جي پا??ست??ني عوام جي لاءِ ڀرپور حمايت کي ساراهيو. ٻنهي اڳواڻن پا??ست??ن ۽ فرانس جي وچ ۾ زراعت، لائيو اسٽاڪ، انفارميشن ٽيڪنالاجي، پيشيواراڻي مهارتن ۾ ترق?? ۽ ??يئڻ جي صاف پاڻي جي شعبن ۾ بزنس ٽو بزنس رابطن جي ذريعي تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. ٻنهي اڳواڻن پا??ست??ن فرانس لاڳاپن جي مثبت رخ تي اطمينان جو اظهار ڪندي مختلف شعبن بشمول سياسي، اقتصادي، واپاري ۽ سيڙپڪاري سان گڏوگڏ گڏيل قومن سميت گهڻ رخي فورمز تي تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم ٻن??ي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل طور تي فائديمند اقتصاد?? ۽ ??اپاري لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ فرانس کي پا??ست??ن ۾ سيڙپڪاري جي موقعن خاص طور تي موسمياتي موافقت ۽ قابل تجديد توانائي مان فائدو کڻڻ جي دعوت ڏني. هن گڏيل دلچسپي جي سمورن علائقائي ۽ عالمي مسئلن جي حوالي سان رابطن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي گڏيل خواهش جو پڻ ورجاءُ ڪيو.
وزيراعظم محمد شهباز شريف سان فرانس جي صدر جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : jogos de loteria Nordeste