اسلام آباد-13 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان ۽ پاڪستن ۾ جرمني جي سفير الفريڊ گراناس وچ ۾ ملاقات ٿي جنهن ۾ پاڪ??تا?? ۽ جرمني وچ ۾ نوجوانن جي مٽاسٽا جي امڪاني موقعن ۽ گڏيل تعاون جي قد??ن تي روشني وڌي وئي، ان موقعي تي اولمپيئن خواجا جنيد ۽ وزيراعظم يوٿ پروگرام جو فوڪل پرسن سيده آمنه بتول به ??وجود هئي. ڪالهه وزيراعظم يوٿ پروگرام جي آفيس مان جاري بيان موجب ملاقات دوران ٻنهي ڌرين تعليمي مٽاسٽا، هنرمندي جي پروگران ۽ راندين ۽ نوجوانن جي ترقي جي شعبن ۾ عالمي تعاون جي اهميت تي زور ڀريندي ٻنهي ملڪن جي نوجوانن وچ ۾ مضبوط لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ جا موقعا تلاش ڪيا. وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان سڄي پاڪ??تا?? ۾ نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ جي حڪومتي عزم کي اجاگر ڪيو. هن چيو ته وزيراعظم يوٿ پروگرام جنهن ۾ تعليم، روزگار، انٽرپرينيورشپ جا قد?? شامل آهن جيڪي عالمي حصيدارن کان وڏو فائدو حاصل ڪري سگهن ٿا، هي نوجوانن کي عالمي بهترين طريقن ۽ پيشيوراڻي نيٽ ورڪس کان روشناس ڪرائڻ جي آڇ ڪن ٿا. سفير الفريڊ گراناس پاڪ??تا?? جي نوجوانن جي قد??ن لاءِ جرمني جي حمايت جو اظهار ڪيو ۽ ٻطرفي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ لاءِ ثقافتي مٽاسٽا جي اهميت کي ورجايو. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته جرمني پاڪ??تا??ي نوجوانن کي تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيتي پروگرامن سان گڏوگڏ راندين ۽ ثقافتي مٽاسٽا ۾ شامل ٿيڻ جا موقعا فراهم ??رڻ جو خواهشمند آهي ته جيئن انهن جي سوچ کي وسيع ڪري ۽ انهن کي مهارتن سان همڪنار ??رڻ ۾ مدد ملي.
وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان سان جرمني جي سفير جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : بفیلو بلٹز