اسلام آباد – 31 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته مصنوعي ذهانت جو شعبو چئلينجن سان ڀرپور آهي ۽ اسان جي ??وجوانن کي انهن چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي ل??ءِ تيار ٿيڻو پوندو، ملڪ کي ترقي ۽ خوشحالي جي رستي تي گامزن ڪرڻ جي ل??ءِ جديد ٽيڪنالاجي ۽ مهارت سان ليس نوجوانن جي ضرورت آهي، حڪومت انفارميشن ٽيڪنالاجي کي تمام گهڻي اهميت ڏئي رهي آهي ۽ نوجوانن کي هنر فراهم ڪرڻ جي ل??ءِ ڊي جي اسڪلز ۽ ڪامياب جوان تحت ڪيترائي پروگرام شروع ڪيا آهن ته جيئن اهي نوجوان اسان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪري سگهن. نيشنل يونيورسٽي آف سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي (نسٽ) جي سينٽر فار آرٽي??يش?? انٽيليجنس جي اهتمام هيٺ آرٽي??يش?? انٽيليجنس ٽيڪ ڪورس 2021ع جي ??ڄاڻي واري تقريب کي خطاب ڪندي صدر چيو ته سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ تحقيق مان ڀرپور فائدو کڻندڙ قومون ئي ترقي جون منزلون تيزي سان طئي ڪري سگهن ٿيون، اسان جي سڀ کان وڏي ڪاميابي معلومات جو صحيح ۽ وقت سر استعمال ۽ شين جي اڳواٽ سڃاڻپ ۾ آهي. صدر ٽيڪنالاجي ايڪسپو ۽ اسٽارٽ اپ چلينج ۾ پاڪستاني محققن ۽ شاگردن جي ??صنوعي ذهانت تي خوشي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ??ه اها ڳالهه خوش آئنده آهي ??ه انهن مصنوعات ۾ اسان جي ??عاشري ۽ صنعت کي درپيش چئلينجز جو جديد طريقن سان احاطو ڪيو ويو آهي. صدر چيو ته حڪومت انفارميشن ٽيڪنالاجي کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿي، ان صنعت تي ڌيان ڏيڻ جي ??تيجي ۾ گذريل مالي سال ۾ پاڪستان جي آ??ِ ٽي جو روانگي واپار 2.12 ارب ڊالر تائين پهچي ويو آهي، ان سان گڏوگڏ حڪومت نوجوانن کي هنر فراهم ڪرڻ جي ل??ءِ ڊي جي اسڪلز ۽ ڪامياب جوان تحت ڪيترائي پروگرام شروع ڪيا آهن ته جيئن اهي نوجوان اسان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪري سگهن. صدر چيو ته آرٽي??يش?? انٽيليجنس ٽيڪ ڪورس 2021ع جهڙا قدم ملڪ ۾ اڀرندڙ ٽيڪنالاجيز جهڙن ڪلائوڊ ڪمپيوٽنگ، آرٽي??يش?? انٽيليجنس، سافٽ ويئر ڊيولپمينٽ ۽ ڊيٽا ايناليسز کي ترقي ڏيڻ جي صلاحيت رکن ٿا. صدر آرٽي??يش?? انٽيليجنس ٽيڪ ڪورس 2021ع ۾ شاگردن، محققن کي ساراهيو ۽ ايڪسپو ۾ انعام ۽ اعزاز ڏيندڙن کي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته کيس يقين آهي ??ه اهڙي طرح جي ??روگرامن ۽ قدمن سان نسٽ جو سينٽر فار آرٽي??يش?? انٽيلجنس ملڪ جي ??صنوعي ذهانت جي ترويج جي حوالي سان اولين سينٽر جو اعزاز حاصل ڪندو. صدر چيو ته کيس يقين آهي ته سينٽر علم تي ٻڌل معيشت جوڙڻ ۾ حڪومت جي ??دد ڪندو. صدر چيو ته مصنوعي ذهانت جي بنياد تي مستقبل ۾ تمام وڏيون تبديليون اچڻ جو امڪان آهي ۽ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ??ه اسان جا نوجوان ان ۾ مهارت ۽ تجربو حاصل ڪري ملڪ جي خدمت ڪن ڇو ته ٽيڪنالاجي جو انساني زندگين ۾ بهتري آڻڻ ۾ اهم ڪردار آهي. هن چيو ته مصنوعي ذهانت جو شعبو چئلينجز سان ڀرپور آهي، اسان جي ??وجوانن کي انهن چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي ل??ءِ تيار ٿيڻو پوندو.
مصنوعي ذهانت جو شعبو چئلينجن سان ڀرپور آهي: صدر
مضمون کا ماخذ : عمومی کلیدی الفاظ