اسلام آباد – 02 – جون (اي پي پي) وزيراعظم مح??د شهباز شر??ف سان ترڪي جي صحت واري وزير ڊاڪٽر فرحتين گوجا انقره ۾ ملاقات ڪئي. وزيراعظم جي آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ملاقات دوران ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ صحت جي شعبي ۾ ٻطرفو تعاون وڌائڻ ??ي اهميت تي زور ڏنو. وزيراعظم گذريل ٻن ڏهاڪن ۾ ترڪي ۾ صحت جي نظام کي تبديل ڪرڻ تي صدر رجب طيب اردوان کي ساراهيندي ترڪي پاران پاڪستان ۾ صحت جي شعبي خاص طور تي صحت جي خدمتن، دوائون ٺاهڻ، ڊجيٽل صحت ۽ تربيت ۽ طبي پيشيوراڻي ماڻهن جي صلاحيت ۾ اضافي لاءِ کنيل گڏيل قدمن جو ذڪر ڪيو. وزيراعظم مح??د شهباز شر??ف 2005ع جي زلزلي ۽ 2010ع جي ٻوڏ دوران ترڪي جي مخلصاڻي مدد جي واکاڻ ڪئي، هن پاڪستان ۾ خطرناڪ ٻوڏ کانپوءِ مظفرڳڙهه ۾ رجب طيب اردوان اسپتال جي قيام کي خاص طور تي ساراهيو. وزيراعظم ترڪي پار??ن ڪورونا وائرس کي منهن ڏيڻ جي واکاڻ جوڳن قدمن تي ترڪي کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته ٻنهي ملڪن کي وبائي مرضن سبب پي??ا ٿيندڙ صحت ۽ معاشي چئلينجن کي منهن ڏيڻ، ويڪسين جي تياري ۾ تعاون کي جاري رکڻ گهرجي. وزيراعظم مح??د شهباز شر??ف صحت بابت ترڪي – پاڪستان جوائنٽ ورڪنگ گروپ کي ٻطرفي صحت تعاون جي مختلف رخن تي جامع ڳالهه ٻولهه ڪرڻ سان گڏوگڏ پيٿالوجي ليبز جي قيام، پاڪست??ن ڪڊني ليور انسٽيٽيوٽ جي بهتر ڪم ۽ آٽو موبائيل ايمبولينسز سميت مختلف قدمن تي عمل ٿيڻ ??ي اهميت تي زور ڏنو. ترڪي جي صحت واري وزير طبي اوزارن ۽ دواسازي جي تياري، صحت جي سياحت ۽ معيار جي ضابطي سميت صحت جي شعبي جي مختلف رخن ۾ تعاون وڌائڻ ??ي امڪانن کي اجاگر ڪيو. هن چيو ته ترڪي جي صحت واري وزارت جي هڪ ٽيم ويجهي مستقبل ۾ پاڪستان جو دورو ڪندي. ترڪي جي صحت واري وزير چيو ته هلندڙ سال آڪٽوبر ۾ پاڪستان ۾ ”پاڪ ميڊيڪا ايڪسپو اينڊ بزنس فورم“ جو انعقاد ڪيو ويندو، ملاقات ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته صحت جي گڏيل ورڪنگ گروپ جي ذريعي متفقه شعبن ۾ تعاون کي جاري رکيو ويندو.
وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ترڪي جي صحت واري وزير جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : prêmios raspadinha