اسلام آباد– 30 – جنوري (اي پي پي) وز??را??ظم محمد شهباز شريف پوليس لائين پشاور جي مسجد ۾ خودڪش ڌماڪي جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته شهرين جو ناحق رت وهائيندڙن کي عبرت جو نشان بڻائينداسين. وز??را??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وز??را??ظم چيو ته الله تعاليٰ آڏو سجدو ڪندڙ مسلمانن جو بي رحماڻو قتل قرآن جي تعليم جي منافي آهي، الله جي گهر کي نشانو بڻائڻ ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته حملي آورن جو اسلام سان ڪو تعلق نه آهي، دهشتگرد پاڪستان جي دفاع جو فرض نڀائيندڙن کي نشانو بڻائي خوف پيدا ڪرڻ چاهين ٿا. پاڪستان جي خلاف جنگ ڪندڙن کي هستي تان مٽائي ڇڏينداسين. وز??را??ظم چيو ته شهرين جو ناحق رت وهائيندڙن کي عبرت جو نشان بڻائينداسين. دهشتگردي جي خاتمي لاءِ سڄي ??وم ۽ ادارا متحد آهن، سڄي ??وم پنهنجي شهيدن کي عقيدت جو سلام پيش ڪري ٿي. وز??را??ظم چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ امن امان جي خراب ٿيندڙ صورتحال تي ٺوس حڪمت عملي اختيار ڪنداسين. وفاق صوبن جي دهشتگردي جي خاتمي جي صلاحيت وڌائڻ ۾ تعاون ڪندو. وز??را??ظم وفاقي گهرو وزير کي هدايت ڪئي ته صوبن خاص طور تي خيبرپختونخواهه ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ جي صلاحيت ۾ مدد فراهم ڪري. وز??را??ظم شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي.
شهرين جو ناحق رت وهائيندڙن کي عبرت جو نشان بڻائينداسين: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : پاور بال لاٹری