ڪراچي – 17 – ??يبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي آرٽس، سائنس اينڊ ??يڪ??الاجي بابت وفاقي اردو يونيو??سٽ?? جي سينيٽ جي خالي جاين جي لاءِ ميمبرن جي نامزدگي ۾ غيرمعمولي دير تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي اهم جاين ۽ فورمز تي نامزدگي ۽ مقرري جو عمل لاڳاپيل فورم جو مدو ختم ٿيڻ يا ميمبر جي رٽائرمينٽ کان اڳ شروع ڪرڻ تي زور ڏنو آهي ته جيئن اهم نوعيت جي سمورن معاملن ۾ خلل ۽ دير نه ٿي سگهي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار گورنر هائوس ڪراچي ۾ منعقد آرٽس، سائنس اينڊ ??يڪ??الاجي بابت وفاقي اردو يونيو??سٽ?? جي سينيٽ جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. هايئر ايجوڪيشن ڪميشن جي چيئرمين پروفيسر ڊاڪٽر مختار احمد، وفاقيو اردو يونيو??سٽ?? جي وقتي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر ايم ضياءَ الدين، يونيو??سٽ?? جي سينيٽ ميمبرن ۽ وفاقي تعليم ۽ پيسيواراڻي تربيت واري وزارت جي نمائندن اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي صدر چيو ته وفاقي اردو يونيو??سٽ?? ڪراچي جو هڪ باوقار اعليٰ تعليمي ادارو آهي ۽ ان کي درپيش مختلف مسئلن کي حل ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن اداري جي انتظامي ۽ تعليمي ونگز جي بنا رڪاوٽ ڪارڪردگي کي يقيني بڻائي سگهجي. هن چيو ته وفاقي تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري وفاقي وزارت کي وڌيڪ دير کانسواءِ نامزدگين جي عمل کي تيزي سان اڳتي وڌائڻ گهرجي. صدر ايڇ اي سي ڪميٽي جي رپورٽ جو پڻ نوٽيس ورتو جنهن ۾ تعليمي ۽ انتظامي عهد??دا??ن جي چونڊ ۽ مقرري ۽ ٻين معاملن ۾ بي ضابطگين جي نشاندهي ڪئي وئي ۽ يونيو??سٽ?? انتظاميا کي چيو ته اها تفصيلي رپورٽ پيش ڪري ۽ بي ضابطگين ۾ ملوث ماڻهن جي خلاف ذميواري جو تعين ڪري. ايڇ اي اي چيئرمين اجلاس کي انڪوائري ڪميٽي جي رپورٽ ۽ يونيو??سٽ?? ۾ ٿيندڙ بي ضابطگين کان آگاهه ڪيو. ان موقعي تي وفاقي اردو يونيو??سٽ?? جي سينيٽ ميمبرن اتفاق ڪيو ته سينيٽ ۽ اڪيڊمڪ ڪائونسل سميت سمورن اهم فورمن کي وقت سر ۽ فوري فيصلا ڪرڻ جي لاءِ مڪمل طور تي فعال بڻايو وڃي.
صدر پاران آرٽس، سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي بابت وفاقي اردو يونيورسٽي جي سينيٽ جي خالي جاين جي لاءِ ميمبرن جي نامزدگي ۾ غيرمعمولي دير تي ڪاوڙ جو اظهار
مضمون کا ماخذ : جیتنے والی لاٹری