اسلام آباد – 18 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خا?? جي فسطائيت، ملڪ دشمني ۽ ملڪ تي حملو ڪندڙن جو بندوبست ٿي رهيو آهي ته اڳتي سياست جي آڙ ۾ ڪير ملڪ دشمني نه ڪر??. ع??ران خا?? جي بيان تي پنهنجي ردعمل جو اظهار ڪندي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته حڪومت اهڙو بندوبست ڪري رهي آهي ته اڳتي ڪنهن به رياست تي حملو نه ٿي سگهيو، اڳتي شهيدن ۽ غازين جي يادگارن جي ڪير بي حرمتي نه ڪري سگهي. هن چيو ته عمران خا?? ماڻهن جي ڌيئرن جي گهرن تي حملا ڪرايا، ڌيئرن کي والدين جي سامهون گرفتار ڪيو، ماڻهن کي ڀينرن کي گهيليو، ان جي باوجود ڪو عمران خا?? وانگر ملڪ تي حملي آور نه ٿيو. هن چيو ته عمران خ??ن سياست جي لبادي ۾ عوام کي سزا ڏني. نه ملڪي معيشت کي ڇڏيو ۽ نه عوام جو روزگار ڇڏيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته بندوبست ٿي رهيو آهي ته جيئن پاڪستان جي تاريخ ۾ اڳتي ڪا اها ڪوشش ۽ ملڪ دشمني جي جرئت نه ڪري سگهي.
عمران خان جي فسطائيت، ملڪ دشمني ۽ ملڪ تي حملو ڪندڙن جو بندوبست ٿي رهيو آهي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : jogos de loteria Nordeste