اسلام آباد – 11 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي آفيس چيو آهي ته ايٿوپيا جي پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير مسگانو اريگا پاڪستان جي ??رڪاري دوري تي اسلام آباد ۾ آهي. دوري دوران پاڪستان ۽ ايٿوپيا سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، واپار ۽ تعاون تي ڌيان ڇڪرائڻ سان گڏوگڏ گڏيل دلچسپي جي ڪيترن ئي ٻطرفن معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪندا. پرڏيهي آفيس جي ??رجمان ممتاز زهره بلوچ پري?? بريفنگ ۾ چيو ته ايٿوپيا جو پرڏيهي معاملن وارو مملڪتي وزير اڱاري ڏينهن پاڪستان پهتو هو. پاڪستان اچڻ کانپوءِ هن پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات ڪئي. هو خميس ڏينهن پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر سان ملاقات ڪندو ۽ ايٿوپيا جي ??فارتخاني جي ??فتتاحي تقريب ۾ به شريڪ ٿيندو. ترجمان چيو ته ٻئي م??ڪ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، واپار ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين ٻطرفن معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪندا. هن چيو ته ايٿوپيا جي پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير جي ??وري جي موقعي تي ڪراچي ۽ اديس ابابا جي وچ ۾ ايٿوپين ايئرلائينز جي پهرين سڌوسنئون اڏام جي ??ه شروعات ڪئي وئي آهي. هن چيو ته وفد ۾ ايٿوپيا جي ??ائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت ۽ علائقائي يڪجهي جا مملڪتي وز??ر ۽ ڪاروباري برادري جا ميمبر شامل آهن.
ايٿوپيا جو پرڏيهي معاملن وارو مملڪتي وزير پاڪستان جي سرڪاري دوري تي آهي: پرڏيهي آفيس
مضمون کا ماخذ : سائٹس de loteria confiáveis