اسلام آباد – 11 – مئي (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پاڪستان جي پرڏيهي وزير بلاول ڀ??و زرداري آئين جي گولڊن جوبلي ملهائڻ ج?? لاءِ هڪ مهيني تائين جاري رهندڙ سرگرميون ڪاميابي سان منعقد ڪرڻ تي قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جا ٿورا مڃيا ۽ ان کي مبارڪباد ڏني. هن چيو ته اسان پنهنجو پاڻ کي انهن چئلينجن جي توسط سان متعارف نه ٿا ڪريون جن کي اسان کي منهن ڏيڻو پوي ٿو پر اسان چئلينجن جو مقابلو ڪهڙي طرح ڪريون ٿا اهو اسان جو تعارف آهي. هن چيو ته آمرن پاران آئين کي پائمال ڪرڻ ج?? باوجود آخري فتح سدائين پاڪستاني عوام جي ٿي آهي. چيئرمين بلاول ڀ??و زرداري چيو ته جمهوريت جي تسلسل جو سهرو پاڪستاني عوام ڏانهن وڃي ٿو. هن اهو به چيو ته پيپلزپارٽي ڪڏهن به قانون کي پنهنجي هٿ ۾ نه کنيو پر هن ملڪ جي خاطر ٽن نسلن جي قربانين کي ترجيح ڏني. بدترين آمريت جون آزمائشون بيان ڪندي هن چيو ته پيپلزپارٽي سدائين جمهوري رستي جي چونڊ ڪئي آهي. پڄاڻي واري اجلاس کي خطاب ڪندي چيئرمين بلاول ڀ??و زرداري چيو ته هڪ پاپولسٽ سياسي افساني سياست کي يرغمال بڻائي رکيو آهي جن??ن سان پاڪستان جي عوام کي شديد پريشاني درپيش آهي. هن چيو ته پاڪستان جي عوام تشدد کي سدائين رد ڪري ٿي، ڀلي اها ڪنهن به شڪل ۾ هجي يا ڪنهن نعري تحت شروع ڪيو ويو هجي. پاڪستان جي عوام ۽ سياسي پارٽيون پارليامينٽ، اسپيڪر ۽ سمورن رياستي ادارن تي مڪمل اعتماد جو ا??ها?? ڪن ٿيون. هن چيو ته امن امان جي تازي صورتحال ڳڻتي ج??ڳي آهي ڇو ته ڪجهه غيرجمهوري عنصر ملڪ کي غيرمستحڪم ڪرڻ ج?? ڪوشش ڪري رهيا آهن. هن چيو ته آئين کي فوجي آمرن بنا ڪنهن پڇتاءُ جي لتاڙي ڇڏيو جن??ن کي عوام جي جدوجهد سان شڪست ٿي. هن ان عزم جو ا??ها?? ڪيو ته پيپلزپارٽي جارحيت ۽ غيرائيني قدمن جي خلاف پنهنجي جدوجهد جاري رکندي.
آمرن پاران آئين کي پائمال ڪرڻ جي باوجود آخري فتح سدائين پاڪستاني عوام جي ٿي آهي: بلاول ڀٽو زرداري
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کے نتائج