اسلام آباد -01 جولاءِ (اي پي پي) صدر مملڪت ڊاڪٽر عارف علوي هن اعتماد جو اظهار ڪيو ت?? جيتوڻيڪ اوهان تاريخ جا باب کي ٻيهر نٿا لکي سگهو پر رواداري، اتحاد ۽ عظمت جا نوان باب ضرور لکي سگهو ٿا. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ صدر مملڪت پاڪستانين ۽ سڄي دنيا جي مسلمانن کي عيد مبارڪ ڏيندي پاڪستاني عوام تي زور ڀريو آهي، ته هو پنجين وڏي ملڪ جي حيثيت سان جدوجهد ڪن ۽ دنيا ۾ پنهنجي حقيقي ڪردار ادا ڪن. صدر مملڪت چيو ت?? مان 30 سالن کان پوءِ پنهنجو ٻيو حج مڪمل ڪي?? آهي. هن چيو ت?? مان بنيادي طور تي پياري پاڪستان ۽ ان جي عوام لاءِ دعاڳو آهيان. مان الله پاڪ کان دعا ڪيان ٿو ت?? هو اسان کي مصيبتن مان ڪڍڻ جو رستو ف??اه?? ڪري، ترقي ۽ خوشحالي جي منزل اسان حاصل ڪرڻ چاهيون ٿا. هو اسان کي عطا ڪري. الله پاڪ غفور رحيم منهنجي دعا ۽ التجا قبول فرمائي. جهڙي طرح رس??ل پاڪ صلي الله عليه وسلم جن سڀني کي معاف ڪي??، ايستائين جو پنهنجي سڀ کان وڏن دشمنن کي به معاف ڪري ڇڏيو، اسان کي پڻ گهرجي ته اسان ان تي عمل ڪي??ن. ۽ ايئن ڪرڻ جي ڪوشش ڪي??ن. مون به ايئن ئي ڪرڻ جي ڪوشس ڪئي آهي. صدر عارف علوي چيو ت?? منهنجي سڀني کي گذارش آهي ته هو ڪنهن به اهڙي عمل لاءِ مون کي معاف ڪن جنهن سان ڪنهن کي تڪليف پهتي هجي ۽ ڄاڻي واڻي يا اڻڄائي ۾ مون کان ڪا غلطي ٿي وئي هجي.
پاڪستاني قوم رواداري، اتحاد ۽ عظمت جي نئين تاريخ رقم ڪئي: صدر مملڪت ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : رومن دولت