ڪان مهترزئي-20 آگسٽ (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ پنهنجي اباڻي علائقي ڪان مهترزئي قلع?? سيف الله ۾ عوامي اجتماع کي ٽيليفونڪ خطاب ڪندي چيو ته هو جلد پنهنجي اباڻي ڳوٺ ڪان مهترزئي جو دورو ڪري شهرين کي درپيش مسئلن جو ذاتي طور جائزو وٺندو ۽ انهن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو. اهڙو اظهار هن ڪان مهترزئي واسين کي ٽيليفونڪ خطاب ڪندي ڪيو، هن چيو ته هو علائقي جي سڀني سياسي قيادت، قبائلي اڳواڻن، عالم سڳورن، سول سوسائيٽي ۽ وڪيلن طرفان نگران وزيراعظم جي نامزدگي تي مبارڪون ڏيڻ تي شڪر گذار آهي، وزيراعظم پروگرام جو انتظام سنڀاليندڙن جو خاص طور تي ٿورو مڃيندي چيو ته ڪان مهترزئي، قلع?? سيف الله کي ملڪ جي ٻين علائقن جي برابر آڻڻ ۽ پٺتي پيل حالتن جي خاتم?? لاءِ هر ممڪن قدم کڻندو، قلع?? سيف الله ۽ بلوچستان جي ٻين علائقن ۾ ترقي جي عمل کي تيز ڪري روزگار جي فراهمي ۽ امن امان لاءِ قدم کنيا ويندا. تقريب ۾ مختلف سياسي اڳواڻن، قبائلي اڳواڻن، عالم سڳور??، صحافين، زميندارن ۽ وڪيلن سميت زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.
جلد پنهنجي اباڻي ڳوٺ ڪان مهترزئي جو دورو ڪري شهرين کي پيش ايندڙ مسئلن جو ذاتي طور تي جائزو وٺندس ۽ انهن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس: نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : کڑک