ڪراچي – 08 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پا??ست??ن جي ڪاروباري برادري ۽ سيڙپڪارن جون پا??ست??ن جي لاءِ خدمتون ساراهه جوڳيون آهن، حڪومت معيشت کي دستاويزي بڻائڻ ۽ اداراجاتي سڌارن جي ايجنڊا تي عمل ڪري رهي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن پا??ست??ن اسٽاڪ ايڪسچينج جي ميمبرن ۽ پا??ست??ن جي ناليوارين ڪمپنين جي سربراهن سان ڳالهائيندي ڪيو جن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ناڻي واري نگران وفاقي وزير ۽ پا??ست??ن اسٽاڪ ايڪسچينج جي چيئرپرسن ڊاڪٽر شمشاد اختر، پا??ست??ن اسٽاڪ ايڪسچينج جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر فرخ خان، چيئرمين سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن آف پا??ست??ن عاڪف سعيد ۽ پا??ست??ن جي ٻين ناليوارين ڪمپنين جي سربراهن شرڪت ڪئي. ملاقات ۾ سي اي او پا??ست??ن اسٽاڪ ايڪسچينج نگران وزيراعظم جي خصوصي تي سندس ٿورا مڃيا ۽ اسٽاڪ ايڪسچينج جي حوالي سان بريفنگ ڏني. ملاقات ۾ نگران وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته گذريل ڪجهه مهينن ۾ پا??ست??ن ۾ حڪومت جي ڪاروبار دوست پاليسين جي ڪري سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري برادري جو اعتماد وڌيو آهي جنهن جي ڪري اڄ پا??ست??ن اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ رڪارڊ سطح تي ڪاروبار جاري اهي. ملاقات جي شرڪت ڪندڙن عالمي مالياتي اداري جي پروگرام جي حوالي سان حڪومت جي سنجيدگي ۽ اداراجاتي سڌارن جي قدمن کي پڻ ساراهيو. نگران وزيراعظم ان موقعي تي چيو ته پا??ست??ن جي ڪاروباري برادري ۽ سيڙپڪارن جون پا??ست??ن جي لاءِ خدمتون ساراهه جوڳيون آهن. نگران وزيراعظم وڌيڪ چيو ??ه ڪاروباري برادري ۽ سيڙپڪارن کي سهولت ڏيڻ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. نگران وزيراعظم تازو ئي قائم ڪيل خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل ۽ ان جي پا??ست??ن ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري جي حوالي سان مثبت قدمن ۽ ان جي حوصلي جوڳي جي نتيجن تي پڻ روشني وڌي. نگران وزيراعظم وڌيڪ چيو ته حڪومت پنهنجي اداراجاتي سڌارن جي ايجنڊا تي عملدرآمد يقيني بڻائي رهي آهي. حڪومت معيشت کي دستاويزي بڻائڻ جي حوالي سان پڻ عملي قدم کڻي رهي آهي.
پاڪستان جي ڪاروباري برادري ۽ سيڙپڪارن جون پاڪستان جي لاءِ خدمتون ساراهه جوڳيون آهن: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : پاور بال جیتنے کے طریقے