اسلام ??باد – 25 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن ??اري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي ناليواري اداڪار نثار قادري جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ هن مرحوم جي گهرڀاتين سان تعزيت ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪندي چيو ته نثار قادري جي لاڏاڻي جي خبر ٻڌي دلي افسوس ٿيو. مرحوم پاڪستان ٽيليويزن جي ڪيترن ئي ڊرامن ۾ پنهنجي بهترين اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا. پاڪستان ٽيليويزن سميت فلمز، ٿيٽر ۽ ريڊيو ڊرامن ۾ نثار قادري جي خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو. ه?? چيو ته نثار قادري جي لاڏاڻي سان شوبز انڊسٽري ۾ پيدا ٿيندڙ خال ڪ??هن به نه ٿو ڀرجي سگهجي. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي ج??ت ۾ اعليٰ مقام ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي.
مضمون کا ماخذ : جنگل کا بادشاہ