اسلام آباد – 23 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ آسٽريليا جي موجوده ٻطرفن لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ زراعت، ل??ئي?? اسٽاڪ، کاڻين جي کوٽائي ۽ ٻين شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جا خواهشمند آهيون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پاڪستان ۾ مقرر آسٽريليا ج?? هاءِ ڪمشنر ن??ل هاڪنز وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم آسٽريلو?? هاءِ ڪمشنر سان ڳاله??ئي??دي چيو ته پاڪستان ۽ آسٽريليا جي وچ ۾ دوستاڻا ۽ خوشگوار لاڳاپا آهن. هن ٻنهي ملڪن جي موجوده ٻطرفن لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان آسٽريليا سان زراعت، ل??ئي?? اسٽاڪ، کاڻين جي کوٽائي ۽ ٻين شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جو خواهشمند آهي. هن آسٽريلوي ڪم??نين ۽ ماهرن کي پڻ دعوت ڏني ته اهي پاڪستاني ڪم??نين سان پنهنجي مهارت جي حصيداري ڪن. وزيراعظم آسٽريليا ۾ رهندڙ پاڪستانين جن ۾ شاگردن جو هڪ وڏو انگ پڻ شامل آهي جو پڻ خاص طور تي ذڪر ڪيو. آسٽريلو?? هاءِ ڪمشنر پاڪستان سان آسٽريليا جي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي خواهش جو ورجاءُ ڪيو ۽ ان حوالي سان پنهنجي هر ممڪن تعاون جي خاطري ڪرائي. هن وزيراعظم کي آسٽريلوي دفاعي عملدارن جي پاڪستان جي دورن سميت اڳتي ٻطرفي مصروفيتن بابت پڻ آگاهه ڪيو. آسٽريلو?? هاءِ ڪمشنر وزيراعظم پاران نشاندهي ڪيل ترجيحي شعبن سميت راندين، خاص طور تي ڪرڪيٽ ۽ هاڪي ۽ ثقافتي تعاون کي پڻ مضبوط بڻائڻ جي حوالي سان پڻ دلچسپي جو اظهار ڪيو. آسٽريلو?? هاءِ ڪمشنر پاڪستاني سيڪيورٽي گارڊز جي بهادراڻي ڪوشسن کي پڻ ساراهيو جنهن سڊني ۾ هڪ حملي دوران ڪيتريون ئي جانيون بچايون. ان حملي ۾ هڪ پاڪستاني سيڪيورٽي گارڊ مارجي ويو هو جڏهن ته ٻه زخمي ٿيا. ان حملي ۾ 5 عورتون مارجي ويون هيون.
وزيراعظم پاران پاڪستان ۽ آسٽريليا جي موجوده ٻطرفن لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار
مضمون کا ماخذ : لاہور لاٹری