اسلام آباد– 26 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو آهي ته خيبرپختونخواهه صوبي جي شهر بشام ويجهو دهشتگرد حملي ۾ 5 چيني شهري ۽ هڪ پاڪستاني شهري مارجي ويا. پرڏيهي آفيس جي ترجمان جاري بي??ن ۾ چيو ته پاڪستان حڪومت دهشتگردي جي ان ڪڌي فعل جي شديد مذمت ڪري ٿي، ??سان دهشتگردن ۽ ان جي سهولتڪارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ?? آڻڻ جي لاءِ سمورا ضروري قدم کڻنداسين. بي??ن ۾ چيو ويو آهي ته اهڙي طرح جون ڪڌيون ڪارروايون دهشتگردي جي لعنت جي خلاف وڙهڻ جي پاڪستاني قوم جي عزم کي ڪمزور نه ٿيون ڪري سگهن. بي??ن موجب اڄ جي حملي جي منصوبابندي پاڪ چين دوستي جي دشمنن ڪئي، ??سان اهڙي سمورين قوتن جي خلاف پوري عزم سان ڪارروائي ڪنداسين ۽ انهن کي شڪست ڏينداسين. بي??ن ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت مشڪل جي هن گهڙي ?? پنهنجي چيني دوستن سان ڪلهوڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي ۽ حملي ۾ مارجي ويندڙ چيني شهرين جي گهرڀاتين سان دلي تعزيت ڪريون ٿا. پرڏيهي آفيس پنهنجي بي??ن ۾ چيو ته پاڪستان ۽ چين ويجها دوست ۽ مضبوط ڀاءُ آهن، پاڪستان ۾ چيني شهرين جي زندگي ۽ حفاظت انتهائي اهميت رکندڙ آهي، پاڪستان ۾ چيني شهرين، منصوبن ۽ ادارن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان پنهنجي چيني ڀائرن سان گڏجي ڪم ڪندو رهندو.
خيبرپختونخواهه صوبي جي شهر بشام ويجهو دهشتگرد حملي ۾ 5 چيني شهري ۽ هڪ پاڪستاني شهري مارجي ويا: پرڏيهي آفيس
مضمون کا ماخذ : loteria do Paraná