اسلام آباد– 10 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گلگت بلتست??ن جي ترقي جي لاءِ سياسي ۽ عوامي معاملن واري صلاحڪار راڻا ثناءُ الله جي سربراهي ۾ 9 رڪني اسٽيئرنگ ڪميٽي جوڙي ڇڏي. وزيراعظم آفيس پاران ان ڪميٽي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو. ڪميٽي ۾ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن وارو وفاقي وزي?? انجنيئر امير مقام، گلگت بلتست??ن جو وڏو وزير حاجي گلبر خان، گلگت بلتست??ن جو اڳوڻو ??ڏو وزير حافظ حفيظ الرحمان، گلگت بلتست??ن جو ناڻي وارو وزي?? انجنيئر محمد اسماعيل، گلگت بلتست??ن جو منصوبابندي ۽ ترقي وارو وزير راجا ناصر علي خان، ڪشمير معاملن وارو سيڪريٽري، چيف سيڪريٽري گلگت بلتستان ۽ بين الصوبائي رابطن واري وزارت جو سيڪريٽري شامل آهن. ڪميٽي جو سيڪريٽريٽ بين الصوبائي رابطن واري وزارت ۾ هوندو. اها ڪميٽي ايندڙ مالي سال 25 – 2024ع جي بجيٽ ۾ شامل قدمن ۽ سڌارن تي اتفاق راءِ جي لاءِ سمورين ڌرين سان مشاورت ڪندي.
وزيراعظم گلگت بلتستان جي ترقي جي لاءِ راڻا ثناءُ الله جي سربراهي ۾ 9 رڪني اسٽيئرنگ ڪميٽي جوڙي ڇڏي
مضمون کا ماخذ : loteria Ceará