اسلام آباد – 25 – جون (اي پي پي) ڊپٽي وزيراعظم ۽ پرڏ??هي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته سيني?? جون سفارشون آئيني ذميواري آهي، قابل عمل سفارشن کي سدائين بجيٽ ۾ شامل ڪيو ويندو آهي. قومي اسيمبل?? جي اجلاس ۾ ايندڙ مالي سال جي بجيٽ جي ح??الي سان سينيٽ جي سفارشن تي بحث ۾ حصو وٺندي ڊپٽي وزيراعظم چيو ته سيني?? جون سفارشون آئيني ذميواري آهي، حڪومت جي ذميواري آهي ته بجيٽ سينيٽ ۾ پيش ٿئي. سيد نويد قمر سچ چئي رهيو آهي ته قومي اسيمبلي بجيٽ منظو?? ڪندي آهي ۽ اهو اختيار اسيمبلي وٽ آهن جڏهن ته آئيني طور تي لازمي آهي ته سينيٽ سفارشون جوڙي 14 ڏينهن ۾ پيش ڪندو. هن چيو ته سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي اهي سفارشون تيا?? ڪندي آهي جنهن ۾ سمورين پارٽين جي نمائندگي هوندي آهي ۽ ناڻي وارو وزير ۽ ناڻي واري وزارت جا اعليٰ عملدار پڻ ان موقعي تي موجود هوندا آهن، سينيٽ ڪميٽ?? جي سربراهي مانڊوي والا ڪري رهيو آهي جنهن جو تعلق پيپلزپارٽي سان آهي، اسان کي پارليامينٽ جي ٻنهي هائوسز جو احترام آهي. هن چيو ته سينيٽ آئين جي تابعداري ڪندي سفارشون پيش ڪيون آهن، جيڪي سفارشون قابل عمل آهن انهن کي بجيٽ ۾ شامل ڪيو ويندو آهي، مون پاڻ 2013ع ۽ 2018ع جي وچ ۾ ان طريقيڪار تي عمل ڪيو آهي ۽ انهي جذبي تحت هن ڀيري به سينيٽ جي سفارشن تي غور ڪيو ويندو، ناڻي واري وزارت جو اهو ڪم آهي ته جيڪي شيون قابل عمل آهن اهي بجيٽ ۾ شامل ڪيون وڃن. ان کان اڳ سينيٽ سفارشن تي بحث جي شروعات ڪندي پاڪستان پيپلزپارٽ?? جي ميمبر سيد نويد قمر چيو ته بجيٽ جي منظوري آئين تحت قومي اسيمبلي جو اختيار آهي، سيني?? جون سفارشون سٺي ڳالهه آهي پر اهي قومي اسيمبل?? جي اختيارن جي قيمت تي نه هجڻ گهرجن. هن چيو ته سينيٽ سفارشن تي بحث ان ئي وقت بامعنيٰ ٿي سگهي ٿو جڏهن اسان کي ايتري ڊگهي دستاويز پڙهڻ جي لاءِ هڪ ڏينهن جو موقعو ڏنو وڃي.
سينيٽ جون سفارشون آئيني ذميواري آهي، قابل عمل سفارشن کي سدائين بجيٽ ۾ شامل ڪيو ويندو آهي: اسحاق ڊار
مضمون کا ماخذ : como apostar na loteria