اسلام آباد-13 سيپٽمبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته دي??مي?? ڀاشا ڊيم پاڪستان جي آبي ۽ خوراڪ جي سيڪيورٽي لاءِ اهم منصوبو آهي، ان ۾ لاپرواهي ۽ غير ضروري دير سبب ان جي لاڳت ۾ تمام گهڻو اضافو ٿي چڪو آهي، اڳوڻي حڪومت جي نااهلي جو نتيجو هر شعبي ۾ ڀوڳي رهيا آهيون. اهڙو اظهار هن گذريل ڏينهن پنهنجي صدارت هيٺ دي??مي?? ڀاشا ڊيم منصوبي جي اڳڀرائي جي جائزي اجلاس ۾ ڳالهائيندي ڪيو. اجلاس ۾ رٿابندي واري سيڪريٽري، واپڊا چيئرمين ۽ لاڳاپيل ادارن جي اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. پروفيسر احسن اقبال چي?? ته دي??مي?? ڀاشا ڊيم پاڪستان جي آبي ۽ خوراڪ جي سيڪيورٽي لاءِ اهم منصوبو آهي، 2018ع تائين ان ڊيم جي تعميري لاڳت جو ڪاٿو 479 ارب روپيا هو. 2018ع تائين زمين جي خريداري تي 120 ارب روپيا خرچ ڪيا ويا هئا. ڊسمبر 2020ع ۾ فنانسنگ حاصل ڪرڻ کانسواءِ جلد بازي ۾ تعميرات شروع ڪئي وئي، گذريل دور ۾ اسٽينڊنگ ڪميٽين جي اجلاس دوران ٻڌايو ويندو ه?? ته منصوبي جي لاڳت 600 ارب ٿي چڪي آهي، هڪ ٻئي موقعي تي ٻڌايو وي?? ته هاڻي 750 ارب ٿي چڪي، هن چي?? ته اڄ تائين ڪاغذن ۾ 480 ارب جو ڪاٿو ظاهر ڪيو پيو وڃي، دي??مي?? ڀاشا ڊيم جي تعميري لاڳت ان وڏي اضافي جي ذميواري اڳوڻي نااهل حڪومت تي لاڳو ٿئي ٿي، فنڊنگ جي کوٽ ۽ دير سبب ان منصوبي جي لاڳت 479 مان وڌي 1400 ارب تائين پهتي. پروفيسر احسن اقبال چي?? ته افسوس جو مقام آهي ته اڄ به ان منصوبي جو فنانسنگ پلان مڪمل ??اهي، ڊيم ۽ بجلي جي منصوبن کي ڌار ڪيو وڃي، بجلي منصوبي جي فنانسنگ نجي ادارن کان ڪرايو. هن چي?? ته 6 سال گذرڻ باوجود منصوبي جو نظرثاني ٿيل پي سي ون نه ٺهي سگهي آهي. مون گذريل دور ۾ اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ تجويز پيش ڪئي ته جنهن منصوبي جو پي سي ون ٻه سال پراڻو هجي ان تي ڪم شروع نه ڪ??و وڃي. هن جو چوڻ ه?? ته مستقبل پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جو آهي، دي??مي?? ڀاشا ڊيم ۾ 6.4 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي جو ذخيرو ٿيندو، هن چي?? ته ڀاشا ڊيم منصوبي جي تعمير ۾ پاڪستاني يونيورسٽين، انجنيئرنگ ۽ هائيڊرالوجي جي شاگردن کي شامل ڪيو وڃي.
ديامير ڀاشا ڊيم پاڪستان جي آبي ۽ خوراڪ جي سيڪيورٽي لاءِ اهم منصوبو آهي: احسن اقبال
مضمون کا ماخذ : como apostar na mega sena