نيويارڪ – 25 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف 7 ارب ڊالر جي آءِ ايم ايف پئڪيج جي ??نظ??ري تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن ائين ئي محنت جاري رهي ته هي پاڪستان جو آخري آءِ ايم ايف پروگرام هوندو، پاڪستان جي معاشي استحڪام کا??پو??ِ معاشي ترقي جا هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ ائين ئي محنت جاري رکنداسين. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته الله جي فضل ۽ ڪرم سان معاشي سڌارن جو تيزي سان لاڳو جاري آهي، پاڪستان جي معاشي استحڪام کا??پو??ِ معاشي ترقي جا هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ ائين ئي محنت جاري رکنداسين. هن چيو ته پاڪستان ۾ ڪاروباري سرگرمين ۽ سيڙپڪاري ۾ اضافو خوش آئنده ۽ معاشي ٽيم جي محنت جو وا??ح ثبوت آهي، سفارتي محاذ تي ڪاميابين سان گڏوگڏ ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين پاران پرڏيهي ناڻي ۾ اضافو انهن جي ح??وم??ي پاليسين تي اعتماد جي عڪاسي آهي جنهن تي پاڪستاني برادري جا ٿورائتا آهيون. هن چيو ته جيڪڏهن ائين ئي محنت جاري رهي ته انشاءَ الله هي پاڪستان جو آخري آءِ ايم ايف پروگرام هوندو. وزيراعظم آءِ ايم ايف پئڪيج جي حوالي سان معاونت فراهم ڪندڙ دوست ملڪن خاص طور تي سعودي عرب، چين ۽ گڏيل عرب امارات، مئنيجنگ ڊائريڪٽر ڪر??ٽا??ينا جارجيوا ۽ سندس پوري ٽيم جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم پوري ح??وم??ي معاشي ٽيم، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، ناڻي وا??ي وفاقي وزير محمد اورنگزيب، آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير، ناڻي وا??ي مملڪتي وزير علي پرويز ملڪ، پاڪستان جي چين ۾ سفير خليل هاشمي، پاڪستان ۾ چين جي سفير جيانگ زائيڊونگ، ناڻي وا??ي سيڪريٽري جا پڻ ان حوالي سان ڪوششن ۽ محنت تي ٿورا مڃيا. هن سمورين صوبائي ح??وم??ن خاص طور تي پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي جا پڻ ٿورا مڃيا.
وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران 7 ارب ڊالر جي آءِ ايم ايف پئڪيج جي منظوري تي اطمينان جو اظهار
مضمون کا ماخذ : لاٹری ایپلی کیشنز کے فوائد