ڪراچي -23 سيپٽمبر (اي پي پي)پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ??شتون عوام سميت پوري ??اڪستاني قوم کي پشتون ڪلچر ڊي جون مبارڪون ڏيندي چيو آ??ي، ته ملڪ جي وحدت کي مضبوط بڻائڻ ۾ ثقافتي روايتن کي تحفظ ۽ هٿي وٺرائڻ وڏي اهميت لائق آ??ي، اڄ جو ثقافتي ڏينهن اسان کي پشتون قوم جي تاريخ، بهادري ۽ ثابت قدمي جي ياد ڏياري ??و. ميڊيا سيل بلاول هائوس پاران جاري بيان مطابق بلاول ڀٽو زرداري ??شتون ثقافتي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته اسان کي پشتون روايتن کي عزت ۽ وقار سان ڀرپور انداز ۾ ملهائڻ گهرجي، پشتون روايتن ۾ مهمان نوازي، وفاداري، ۽ انصاف جو اصول اسان سڀني لاءِ باعث تحريڪ آ??ي، اسان کي انهن اصولن کي برقرار رکڻ گهرجي ۽ ملڪ ۾ سمورن نسلي گروهن وچ ۾ اتحاد ۽ هم آهنگي کي هٿي وٺرائڻ گهرجي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ثقافتي ورثي کي محفوظ رکڻ ۾ نوجوانن جو ڪردار وڏي اهميت رکي ٿو، نوجوان نسل کي پنهنجي ثقافتي سڃاڻپ تي فخر هئڻ گهرجي. هن چيو ته اسان جا نوجوان پنهنجي ابن ڏاڏن جي ميراث کي اڳيان وڌائين ته جيئن شاندار روايتون ۽ ڀرپور ورثو زنده ر??ي، پاڪستان جي سمورن ثقافتن جي تحفظ لاءِ يقيني قدم ک??ند??سين، اسان کي هڪ ترقي پسند، جمهوريت پسند ۽ پرامن قوم جي تعمير لاءِ گڏيل ڪوششون جاري رکڻيون پونديون.
بلاول ڀٽو زرداري پاران پشتون سميت پوري قوم کي پشتون ڪلچر ڊي جون مبارڪون
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے اعدادوشمار