اسلام آباد – 03 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهبا?? شريف چيو آهي ته ملائيشيا جي وزيراعظم انور ابراهيم کي پاڪستان اچ?? تي ڀليڪار چئون ٿا، سندس دوري دوران ساڻس ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۽ ٻنهي قومن جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏي?? تي لاڀائتي ڳالهه ٻولهه ٿيندي. ملائيشيا جي وزيراعظم انور ابراهيم پاران ايڪس تي پاڪستان پهچڻ ۽ نور خان ايئرب??س تي وزيراعظم شهبا?? شريف ۽ ٻين پاران استقبال جي تصويرن سان گڏ ڪيل پوسٽ جي جواب ۾ کيس مخاطب ڪندي پنهنجي پوسٽ ۾ وزيراعظم شهبا?? شريف چيو ته توهان جي دوري سان امن، خوشحالي ۽ علائقائي ترقي جي اسان جي عزم کي وڌيڪ سگهه ملندي. وزيراعظم چيو اچو ته گڏجي پاڪستان ۽ ملائيشيا جو مستقبل روشن ڪريون.
مضمون کا ماخذ : گولڈ رش