اسلام آباد-30 آڪٽوبر (اي پي پي) سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير قيصر احمد شيخ پاڪستان جي بيلو اڪانومي کي مضبوط بنائڻ ??اء?? اسٽريٽجڪ شراڪتداريءَ تي زور ڀر??و آهي. گذريل ڏينهن هن نيشنل انسٽيٽيوٽ آف ميري ٽائم افيئرز جو دؤرو ڪيو جنهن ۾ سامونڊي معاملن واري وزارت ۽ اين آءِ ايم اي وچ ۾ وڌ کان وڌ سهڪار جي اهميت کي اجاگر ڪيو ويو ته جيئن پاڪستان جي سامونڊي شعبي ۽ ملڪ جي بليو اڪانومي ۾ ترقيءَ کي اڳتي وڌائي سگهجي. وفاقي وز??ر ايڪوڪلچر، گرين شپنگ، ميري ٽائم ٽوئر ازم ۽ گرين شپ ري سائڪلنگ جهڙن اهم سامونڊي شعبن کي اڳتي وڌائڻ ۾ گهري دلچسپيءَ جو اظهار ڪيو. وفاقي وزير دؤري دوران ميري ٽائم پاليسي جوڙڻ، تحقيق ڪرڻ ۽ پاڪستان جي سامونڊي مفادن کي اڳتي وڌائڻ ۾ اين آءِ ايم اي جي ڪردار بابت تفصيلي بريفنگ حاصل ڪئي. بريفنگ ۾ ان ڳالهه تي زور ڀر??و ويو ته پاڪستاني سامونڊي معيشت ان وقت ملڪي جي ڊي پي جي 0.2 سيڪڙو کان به گهٽ نمائندگي ڪري رهي آهي جيڪا 8-10 سيڪڙو جي عالمي معيار جي بلڪ?? ابتڙ آهي. اين آءِ ايم اي جي حڪومتي، قومي ۽ عالمي شراڪتدارن سان جاري حصيداريءَ کي به سامونڊي شعبي ۾ ترقيءَ کي تيز ڪرڻ ??اء?? ضروري قرار ڏنو ويو. بريفنگ ۾ بليو اڪانومي جي مختلف پهلوئن بابت مختلف امڪانن جي ڳولا جو جائزو ورتو ويو ۽ ملڪ جي سامونڊي وسيلن کي ڪتب آڻڻ ??اء?? هڪ اثرائتي قومي ايڪشن پلان جي فوري ضرورت جي نشاندهي ڪئي وئي. وفاقي وزير ميري ٽائم جي سمورن شعبن ۾ پائيدار ترقيءَ ??اء?? مستقبل جو روڊ ميپ قائم ڪرڻ ??اء?? سامونڊي معاملن واري وزارت ۽ اين آءِ ايم اي ۽ ٻين ميري ٽائم اسٽيڪ هولڊرن وچ ۾ اثرائتي ڪوششن جي اهميت تي زور ڀر??و.
وفاقي وزير قيصر احمد شيخ جو نيشنل انسٽيٽيوٽ آف ميري ٽائم افيئرز جو دؤرو
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کے طریقے