اسلام آباد – 06 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چين?? سفير کي ڪراچي ۾ چيني شهرين تي فائرنگ جي ذميوارن کي جلد پڪڙ ۾ آڻي انهن کي سزا ڏيارڻ جي خاطري ڪرائيندي چيو آهي ته چيني شهرين تي حملو پاڪ چين ڀائراڻن لااڳپن کي نقصان پهچائڻ جي ڪڌي ڪوشش آهي، پاڪستان ۾ ڪم ڪندڙ چيني شهرين جي سيڪيورٽي حڪومت جي اولين ترجيح آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف اسلام آباد ۾ چين?? سفارتخاني ويو. هن چين جي پاڪستان ۾ سفير جيانگ زائيڊونگ سان ملاقات ڪئي. وزيراعظم گذريل ڏينهن ڪراچي ۾ چيني شهرين تي فائرنگ جي وا??عي جي مذمت ڪئي. وزيراعظم چين?? سفير سان ڳالهائيندي چيو ته چيني شهرين تي ان حملي جي مذمت ڪرڻ ۽ زخمين جي عيادت جي ??اء?? توهان سان ملڻ آيو آهيان. وزيراعظم چين?? سفير کي ذميوارن کي جلد پڪڙ ۾ آڻي انهن کي سزا ڏيارڻ جي خاطري ڪرائي. هن چيو ته وا??عي ۾ ملوث ماڻهن کي پڪڙ ۾ وٺڻ ۽ انهن کي سزا ڏيارڻ جي عمل جي پاڻ نگراني ڪري رهيو آهيان، وا??عي ۾ زخمي چيني شهرين کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪري چڪو آهيان. وزيراعظم چيو ته اطمينان جوڳي ڳالهه آهي ته وا??عي ۾ زخمي ٿيندڙ چيني شهرين جي صحت ??هتر ٿي رهي آهي، چين پاڪستان جو پراڻو دوست آهي، چيني شهرين تي حملو پاڪ چين ڀائراڻن لاڳاپن کي نقصان پهچائڻ جي ڪڌي ڪوشش آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ ڪم ڪندڙ چيني شهرين جي سيڪيورٽي حڪومت جي اولين ترجيح آهي. چين?? سفير وزيراعظم جا سفارتخاني اچڻ تي ٿورا مڃيا ۽ اميد جو اظهار ڪيو ته وزيراعظم وا??عي جي ذميوارن کي جلد منطقي انجام تائين پهچائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، گهرو وزير محسن رضا نقوي ۽ خاص معاون طارق فاطمي پڻ وزيراعظم سان گڏ هئا.
وزيراعظم پاران چيني سفير کي ڪراچي ۾ چيني شهرين تي فائرنگ جي ذميوارن کي جلد پڪڙ ۾ آڻي انهن کي سزا ڏيارڻ جي خاطري
مضمون کا ماخذ : فائر جوکر