بڊاپسٽ- 13 نومبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي سان سوئٽزرلينڊ – يورپي يونين ۽ انٽرنيشنل مائيگريشن آرگنائيزيشن جي وزيرن ۽ س??بر??هن ملاقاتون ڪيون جنهن ۾ گڏيل دلچسپ?? جي معاملن، غير قانوني مائيگريشن ۽ انساني اسمگلنگ روڪڻ جي حوالي سان تفصيلي ??يا??ن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اهي ملاقاتون هنگر?? جي دوري دوران بڊاپسٽ پراسس جي ستين وز??رت?? ڪانفرنس جي موقعي تي ٿيون. ملاقات ڪندڙن ۾ سوئٽزرلينڊ جو مائيگريشن وارو وزير ڪرسٽين شرنربورنر ۽ يورپي يونين جي مائيگريشن ۽ گهرو معاملن جو س??بر??هه جوهانس لچنر، انٽرنيشنل سينٽر فار مائيگريشن پاليسي ڊولپمينٽ جو س??بر??هه مائيڪل اسپينڊ ليگر شامل هئا. گهرو وزير محسن نقوي غير قانوني مائيگريشن جي روڪٿام لاءِ گڏيل قدم کڻڻ جي ضرورت تي زور ڀريندي چيو ته انساني اسمگلنگ گهڻ رخي چئلينج بڻجي چڪو آهي. انٽرنيشنل مافياز جي ڳٺ جوڙ سان ڪو به ملڪ اڪيلو نٿو منهن ڏئي سگهي. عالمي چئلينج کي منهن ڏيڻ لاءِ عالميگريت پاليسي اختيار ڪرڻي پوندي. هن چيو ته غير قانوني مائيگريشن ۽ انساني اسمگلنگ جي روڪٿام لاءِ يورپي يونين ۽ مائيگريشن پاليسي ڊولپمينٽ جي تعاون جي آجيان ڪندا. اڄ اسان پائيدار قدم کڻي نئين نسلن لاءِ بهتر مستقبل ڇڏي سگهون ٿا. ان ڏس ۾ گڏيل وفدن جي مٽاسٽا ۽ ادارن جي صلاحيت وڌائڻ لاءِ سهڪار وڌائڻو پوندو. لاڳاپيل ادارن جي آفيسرن جي خصوصي تربيت لاءِ سوئٽزرلينڊ – يورپي يونين ۽ انٽرنيشنل مائيگريشن پاليسي ڊولپمينٽ جو تعاون ضروري آهي. ٽنهي وفدن گهرو وفاقي وزير محسن نقوي کي گڏيل سهڪار وڌائڻ لاءِ تعاون جي خاطري ڪرائي. ان موقعي تي هنگري ۾ پاڪستان جو سفير آصف حسين ميمڻ ۽ لاڳاپيل سفارتڪار به موجود هئا.
گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي سان سوئٽزرلينڊ – يورپي يونين ۽ انٽرنيشنل مائيگريشن آرگنائيزيشن جي وزيرن ۽ سربراهن جون ملاقاتون
مضمون کا ماخذ : گولڈ رش