اسلام آباد- 19 نومبر (اي پي پي) توانائي واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري سان جرمن سفير الفريڊ گراناس ملاقات ڪئي، جنهن ۾ توانائيءَ جي شعبي سميت گڏيل ??لچسپيءَ جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ وفاقي وزير چيو ته جرمني تجديد جوڳي توانائي جي شعبي ۾ عالمي اڳواڻ آهي، پاڪستان 2034ع تائين پنهنجي توانائي مڪس ۾ 88 سي??ڙو تجديد جوڳي توانائي شامل ڪ??دو. هن چيو ته پاڪستان تمام ذميداري سان توانائيءَ جي شعبي ۾ هڪ مسابقتي مارڪيٽ متعارف ڪرائي رهيو آهي ته جيئن بجلي جي خريد ۽ وِڪري ۾ وڌيڪ شرڪت ڪندڙ شامل ٿي سگهن. هن چيو ته بجلي جي شعبي ۾ سي??پڪاري جي خاطرخواه موقعا موجود آهن جن مان جرمني جا سي??پڪاري ڀرپور فائدو کڻي سگهن ٿا. جرمني پاڪستان جو هڪ ق??بل قدر ترقياتي ڀائيوار آهي ۽ بي ٽو بي رابطن کي هٿي ڏيڻ اسان جي ٻه طرفي ناتن جو هڪ اهم عنصر آهي. سفير چيو ته توانائي جي شعبي ۾ آرٽيفيشل انٽيليجنس ۽ بي??ري اسٽوريج ٽيڪنالاجيز سبب بجلي هر گذرندڙ ڏينهن سان وڌيڪ صلاحيت جي ق??بل بڻجي رهي آهي. هن چيو ته جرمني پاڪستان جي توانائيءَ جي شعبي ۾ سڌارن جي مالي معاونت لاءِ پُرعزم آهي ته جيئن پاور سي??ٽر جي بنيادي مسئلن کي حل ڪري سگهجي. جرمن سفير چيو ته جرمني نجي شعبي پاڪستان جي توانائي جي شعبي ۾ هڪ فعال ڪردار ادا ڪري رهيو آهي ۽ مختلف رٿائن ۾ سهڪار جاري رک??دو. ملاقات دوران ٻنهي ڌُرين تجديد جوڳي توانائي کي هٿي ڏيڻ ۽ ٻين رٿائن ۾ گڏيل مشاورت اڳيان وڌائڻ تي اتفاق ڪيو.
توانائيءَ واري وفاقي وزير سان جرمني جي سفير جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : estratégias dupla sena