اسلام آباد – 09 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اسرائيل جي لب??ان جي خلاف فوجي جارحيت جي شديد ترين لفظن ۾ مذمت ڪندي لب??ان جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي لاءِ پاڪستان جي مسلسل حمايت جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري ??يا?? موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪالهه سومر ڏينهن لب??ان جي وزيراعظم نجيب ميقاتي سان ٽيل??فو??ڪ رابطو ڪيو ۽ لب??ان جي لاء?? جنگبندي جي معاهدي جي آجيان ڪئي ۽ فلسطين جي عوام جي لاءِ پڻ اهڙي طرح جي معاهدي جي ضرورت تي زور ڏنو. لب??ان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ڀائراڻي ۽ گرمجوشي تي ٻڌل لاڳاپن جو ذڪر ڪندي وزيراعظم چيو ته پوري پاڪستاني قوم هن مشڪل وقت ۾ لب??ان جي عوام سان يڪجهتي سان گڏ بيٺل آهي، ان جذبي تحت پاڪستان لب??ان ۾ پنهنجي ڀائرن ۽ ڀينرن کي انساني بنيادن تي امداد فراهم ڪئي ۽ مستقبل ۾ پڻ هر ممڪن مدد فراهم ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي. ٻنهي اڳواڻن شام جي بدلجندڙ صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم بيروت جي رستي شام ۾ ڦاٿل پاڪستاني شهرين جي فوري انخلا ۾ سهولت فراهم ڪرڻ جي لاءِ نجيب ميقاتي جي ذاتي مداخلت ۽ مدد جي درخواست ڪئي. لب??اني وزيراعظم ميقاتي اسرائيل جي فوجي جارحيت جي خلاف پاڪستان جي اصولي موقف تي وزيراعظم محمد شهباز شريف جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته اهو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گرمجوشي تي ٻڌل ڀائراڻن لاڳاپن جو هڪ مثال آهي. هن وزيراعظم محمد شهباز شريف کي يقين ڏياريو ته لب??ان شام مان پاڪستانين جي انخلا ۾ هر ممڪن مدد ڪندو. بعد ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف شام ۽ لب??ان ۾ مقرر پاڪستاني سفيرن سان پڻ رابطو ڪيو ۽ انهن کي شام ۾ ڦاٿل پاڪستانين جي انخلا جي حوالي سان هر ممڪن تعاون ۽ مدد فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
وزيراعظم محمد شهباز شريف جو لبناني وزيراعظم نجيب ميقاتي سان ٽيليفونڪ رابطو، لبنان جي خودمختياري ۽ سالميت جي لاءِ پاڪستان جي مسلسل حمايت جو ورجاءُ
مضمون کا ماخذ : quina prêmio acumulado