اسلام آباد-15 ڊسمبر (اي پي پي)صدر مملڪت آصف علي زرداري چ??و آهي ته اي پي ايس جهڙا سانحا دهشتگردن ۽ خوارج جو اصل چهرو بي نقاب ڪن ٿا، پاڪستاني قوم دهشتگردن کي پنهنجي مڪروه ارادن ۾ ڪڏ??ن به ڪامياب ٿيڻ نه ڏيندي، 16 ڊسمبر 2014ع جي افسوسناڪ ڏينهن دهشتگردن ??سا?? جي معصوم ۽ قوم جي مستقبل تي حملو ڪيو، معصوم ٻارن تي حملو مڪروه ۽ انسانيت لڄائيندڙ ڏوهه آهي، دهشتگردي جي خاتمي لاءِ عالمي برادري کي گڏيل طور ڪوششون ڪرڻيون پونديون، اچو ته دهشتگردي جي خاتمي ۽ پرامن پاڪستان لاءِ ڪم ڪرڻ جو وچن ڪريون. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب اها ڳالهه صدر مملڪت آصف علي زرداري آرمي پبلڪ اسڪول پشاور حملي جي 10 هين ورسي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چئي. صدر آصف علي زرداري چ??و ته 16 ڊسمبر 2014ع جي افسوسناڪ ڏينهن دهشتگردن ??سا?? جي ٻارن ۽ قوم جي مستقبل تي حملو ڪيو، اڄوڪي ڏينهن دهشتگردن معصوم ٻارن سميت استادن کي بي دردي سان قتل ڪيو، دهشتگردن استادن ۽ شاگردن کي نشانو بڻائي عوام دشمني جو ثبوت ڏنو. صدر چيو ته معصوم ٻارن تي حملو مڪروه ۽ انسانيت لڄائيندڙ ڏوهه آهي. اي پي ايس سانحي مان واضح آهي ته دهشتگردن جي ايجنڊا ملڪ ۾ جهيڙا ۽ ڏڦيڙ پکيڙڻ آهي. آصف علي زرداري چ??و ته 16 ڊسمبر جي ڏينهن ??سا?? جي قوم جي اجتماعي يادداشت تي اڻمٽ نقش ڇڏيا آهن، ??سا?? جون همدرديون معصوم جانين جي وارثن سان آهن، اهو ڏينهن ??سا?? کي دهشتگردي خلاف ??نگ ۾ ??سا?? جي قوم جي قربانين جي ي??د ڏياري ٿو. صدر مملڪت چيو ته اي پي ايس حملو ??سا?? جي ٻارن، ??سا?? جي مستقبل، ??سا?? جي وجود تي حملو هو، اي پي ايس سانحي جهڙا واقعا دهشتگردن ۽ خوارج جو اصل چهرو بي نقاب ڪن ٿا. هن چيو ته پاڪستاني قوم دهشتگردن کي پنهنجي مڪرو ارادن ۾ ڪڏ??ن به ڪامياب ٿيڻ نه ڏيندي. اي پي ايس سانحي ??سا?? کي دهشتگردي خلاف قوم جي حيثيت سان متحد ڪيو. صدر مملڪت چيو ته تاريخ شاهد آهي ته پاڪستاني قوم مصيبتن آڏو ڪڏ??ن به هارائي نٿي، هي ڏينهن دهشتگردي خلاف متحد ٿيڻ، ان لعنت جي مڪمل خاتمي لاءِ ڪوششون تيز ڪرڻ جي ي??د ڏياري ٿو. صدر مملڪت چيو ته دهشتگردي خلاف ??نگ ۾ پاڪستان جي سياسي قيادت به قربانيون ڏنيون آهن. اڄ ??سا?? پنهنجي بهادر سپاهين،قانون لاڳو ڪندڙ ادران ۽ عام شهرين جي دهشتگردي خلاف قربانين کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا. صدر چيو ته پنهنجي ٻارن، اڳواڻن ۽ شهرين جي قربانين کي رائيگان ٿيڻ نه ڏينداسين. پاڪستان مان دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي پاڙ پٽي اڇلائڻ جي عزم کي ورجايون ٿا. دهشتگردي جي خاتمي لاءِ عالمي برادري کي گڏيل طور تي ڪوششون ڪرڻيون پونديون. صدر مملڪت زور ڀريو ته اچو ته دهشتگردي جي خاتمي ۽ پرامن پاڪستان لاءِ ڪم ڪرڻ جو وچن ڪريون.
اي پي ايس جهڙا سانحا دهشتگردن ۽ خوارج جو اصل چهرو بي نقاب ڪن ٿا، پاڪستاني قوم دهشتگردن کي پنهنجي مڪروه ارادن ۾ ڪڏهن به ڪامياب ٿيڻ نه ڏيندي: آصف علي زرداري
مضمون کا ماخذ : ایشیا ڈریگن