نيويارڪ-23 فيبروري (اي پي پي) آمريڪي هوائي ڪمپني يونائيٽيڊ ايئر لائينز 7 آڪٽوبر کان غزه جنگ سبب اسرائيل لاءِ معطل ڪيل لاءِ اڏا??ون بحال ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. العربيه مطابق آمريڪي ڪمپني اعلان ڪيو آهي ته ايندڙ مهيني کان اسرائيل لاءِ اڏا??ون بحال ڪيون وينديون. هوائي ڪمپني يونائيٽيڊ ايئر لائينز وڌيڪ چيو آهي ته شروعاتي طور ??ي اڏا??ون نيويارڪ ۽ نيو جرسي کان تل ابيب لاءِ 2 ۽ 4 مارچ تي روانيون ڪيون وينديون. انهن اڏامن جي نان استاپ بحالي 06 مارچ کان ڪئي ويندي. ڪمپني وڌيڪ چيو آهي ته اڏامن جو شيڊيول تل اب??ب جي سيڪيورٽي صورتهال موجب ترتيب ڏنو ويندو ۽ ان ۾ ضرورت موجب تبدي??ي ڪئي ويندي. واضح رهي ته غزه ۾ 7 آڪٽوبر کان جاري جنگ ۽ اسرائيل جي فوج جي غزه تي گهيراءَ بعد کان وٺي آمري??ي ائيرلائين ۽ ان جي حريف ڪمپني ڊيلٽا پنهنجون اڏا??ون تل ابيب لاءِ معطل ڪيون هيون.
آمريڪي هوائي ڪمپني پاران اسرائيل لاءِ اڏامون بحال ڪرڻ جو اعلان
مضمون کا ماخذ : لافانی رومانس