??اس??و-08 نومبر (اي پي پي) روس جي صدر ولاديمير پيوٽن ڊونلڊ ٽرم?? کي آمريڪا جو صدر چونڊجڻ تي مبارڪون ڏيندي چيو آهي ته نئين آمريڪي صدر سان رابطو بحال ڪرڻ ۾ ڪا به رڪاوٽ ناهي . پرڏيهي ميڊيا مطابق هن نيوولدائي فورم سان خطاب ۾ چي?? ته ٽر??پ سان رابطو ڪرڻ ڪا غلط ڳالهه نه هوندي . هو پنهنجي چونڊ مهم دوران قاتلاڻي حملي ۾ زخمي ٿيو هو . هن چي?? ته ٽرمپ وڏي همت جو مظاهرو ڪيو ۽ هڪ بهادر ماڻهو وانگر ڪم ڪيو . نئين صدر جا روس سان لاڳاپا بحال ڪرڻ ۽ يوڪرين بحران جي خاتمي ۾ سهولت فراهم ڪرڻ جي خواهش ڌيان جي مستحق آهي . هن چي?? ته هو پاڻ ٽر??پ سان رابطو ڪرڻ ۾ عار محسوس نٿو ڪري . کيس ڊونلڊ ٽر??پ سان رابطي کي ٻيهر شروع ڪرڻ ۾ قط??ي ڪو اعتراض ناهي . روس جي صدر چي?? ته هن وٽ پنهنجي دفاع لاءِ ڀروسي جوڳا هٿيار موجود آهن ۽ مسلسل تيار ٿي رهيا آهن ۽ اهڙا هٿيار رکندڙ ملڪن جي انگ ۾ اضافو ٿي رهيو آهي . ڪو به ملڪ ان ڳالهه جي ضمانت نه ڏيند?? ته سندن سلامتي کي خطرو لاحق ٿيڻ تي انهن کي استعمال نه ڪيو ويندو . هن زور ڀري?? ته دنيا هڪ خطرناڪ موڙ تي پهچي چڪي آهي . سڀ کان وڏا ايٽمي هٿيار رکندڙ ملڪ روس کي اسٽريٽجڪ شڪست ڏيڻ جا مطالبا اولهه سياستدانن طرفان خطرناڪ مهم جوئي کي ظاهر ڪن ٿا.
نئين آمريڪي صدر سان رابطو بحال ڪرڻ ۾ ڪا به رڪاوٽ ناهي: روس جو صدر
مضمون کا ماخذ : ایزٹیک واریر شہزادی