اسلام آباد – 21 مارچ (اي پي پي) صدر ممنون حسين اسلامي دنيا جي عالمن تي زور ڏنو آهي ته هو اجنبي ثقافتي يلغار جي مقابلي ۽ اسلامي ثقافت جي حفاظت لاءِ عالمي سطح تي ٺوس ڪم ڪن ته جيئن عالم انسانيت کي فڪري افراتفري کان محفوظ ڪري ڀلائي جي رستي تي گامزن ڪري سگهجي، مسلم دنيا جي مفڪرن ۽ عالمن کي انتهاپسندي کي منهن ڏيڻ لاءِ علمي انداز فڪر اختيار ڪرڻ گهرجي، هن اها ڳالهه مص?? جي مفتي اعظم ڊاڪٽر شوقي ابراهيم عبدالڪريم سان ڳالهائيندي چئي، ??نهن پنهنجي وفد سان ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ان موقعي تي مذهبي معاملن وارو وفاقي وزير سردار محمد يوسف، مص?? جو سفير احمد محمد فضل يعقوب ۽ ٻيا اعليٰ عملدار به موجود هئا
مضمون کا ماخذ : raspadinha resultados