اسلام آباد – 16 فيبروري (اي پي پي) سعودي عرب جو ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان وزيراعظم عمران خان جي دعوت تي اڄ آچر ڏينهن پاڪستان جو ٻن ڏينهن جو سرڪاري دورو ڪندو، اپريل 2017?? ۾ ??لي عهد جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ شهزاده محمد بن سلمان جو پاڪستان جو رياستي سطح جو هي پهريون دورو هوندو، ساڻس گڏ سعودي شاهي خاندان جي ميمبرن، اهم وزيرن ۽ ناليوارين ڪاروباري شخصي??ن سميت اعليٰ اختياراتي وفد پڻ هوندو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب شهزاده محمد بن سلمان جيڪو وزيرن جي ڪائونسل جو نائب صدر ۽ دفاع واري وزير سميت سلطنت جي ڪيترن ئي اهم عهدن تي فائز آهي 17 ۽ 18 فيبرور?? تي پنهنجي دوري دوران صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان ملاقات ڪندو.
مضمون کا ماخذ : نقدی پھٹنا