ملتان -30 جنوري (اي پي پي) پرڏيهي ??زير مخدوم شاه محمود قريشي چيو آهي ته ڊينئل پرل ڪيس ۾ بري ٿيندڙ عمر شيخ کي آمريڪا حوالي ڪرڻ جون خبرون بي بنياد آهن. آمريڪي پرڏيهي ??زير اينٿوني بلنڪين سان منهنجي ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ٿي ??ه??. م??ن نئين آمريڪي پرڏيهي ??زير کي ذميواريون سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. هن چيو ته بلنڪين جا تجربا خطي جي مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا. آمريڪي پرڏيهي ??زير کي وزيراعظم عمران خان جي ترجيحن بابت تفصيلي آگاهه ڪيو ويو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ملتان ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته آمريڪي پرڏيهي ??زير کي هڪ عدالتي فيصلي تي تشويش هئي جنهن تي هن کي اعتماد ۾ ورتو ۽ هن عدالتي فيصلي تي نظرثاني جي خواهش جو اظهار ڪيو آهي. آمريڪي حڪومت ڊينئل پرل جي قاتلن کي سزا ڏيڻ چا??ي ٿي ۽ اسان جي به اها ئي خواهش آهي ته ڊينئل پرل جي خاندان کي انصاف ملڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستان آمريڪا سان ٻه طرفا لاڳاپا چا??ي ٿو ۽ مان هن کي عمران خان جي ترجيحن بابت تفصيلي بريفنگ ڏن??. م??ن هن کي ٻڌايو ته پاڪستان ۾ عدالتون آزاد آهن ۽ هتي آئين ۽ قانون مطابق فيصلا ٿي ??هيا آهن ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت ڪرپشن، مني لانڊرنگ خلاف ٺوس قدم کڻي رهي آهي.
آمريڪي پرڏيهي وزير کي ٻڌايو آهي ته ڀارت افغان امن عمل کي لتاڙي رهيو آهي: شاهه محمود قريشي
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کے نمبر