اسلام آباد – 02 ڊسمبر (اي پي پي) ڀ??رت?? هاءِ ڪميشن جي سينئر سفارتڪار کي پرڏيهي وزارت طلب ڪري ڪرتار پور گوردواره درٻار صاحب ۾ هڪ انفرادي واقعي تي ڀ??رت?? شرانگيز واويلا کي رد ۽ بي بنياد پر??پيگنڊا تي پاڪستان جي خدشن کان آگاهه ڪيو ويو. ڀ??رت?? سفارتڪار کي ٻڌايو ويو ته اقليتن لاءِ غير محفوظ ۽ بدنام ترين ڀارت کي اقليتن جي حقن جي ڳالهه ڪرڻ زيب نٿو ڏي. پرڏيهي آ??يس جي ترجمان موجب ڀ??رت?? سفارتڪار کي ٻڌايو ويو ته ان واقعي کي فوري ??ور تي حل ڪيو ويو ۽ وضاحت ڪئي وئي. حڪومت پاڪستان اقليتن جي حقن کي سڀني کان وڌيڪ ترجيح ڏيندي آهي، پاڪستان ۾ هر ڪميونٽي جي مذهبي ۽ مقدس ماڳن جي تقدس کي يقيني بڻايو ويو آهي. ڀ??رت?? سفارتڪار کي چيو ويو ته هو نئين دهلي حڪومت تي زور ڏئي ته هو هندستان ۾ اقليتن سان منظم ظلم ۽ ستم جي انهن واقعن جي تحقيقات ڪري جيڪي رياستي سرپرستي ۾ جاري آهن، اقليتن کي منظم طريقي سان پسماندگي ۽ بربريت جي پيش نظر، هندستان وٽ ڪٿي به اقليتن جي لاءِ ڳڻتي جو اظهار ڪرڻ لاءِ ڪو به ٺوس موقف نه آهي. اقليتن جي لاءِ غير محفوظ ۽ بدنام ترين ڀارت کي اقليتن جي حقن جي ڳالهه ڪرڻ زيب نٿو ڏي، ڀ??رت?? عملدارن کي پنهنجي اقليتن جي تحفظ ۽ عبادتگاهن جي بي حرمتي، نفرت انگيز ڏوهن ۽ تشدد جي روڪٿام لاءِ قدمن کي يقيني بڻائڻ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي.
ڀارتي هاءِ ڪميشن جو سينئر سفارتڪار پرڏيهي وزارت طلب
مضمون کا ماخذ : como jogar lotofácil