اسلام آباد – 06 ڊسمبر (اي پي پي) قومي سلامتي بابت پارلياماني ڪميٽي جو اجلاس قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر جي صدارت ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب اجلاس ۾ تجويز ڪيل قومي سلامتي پاليسي تي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم جي قومي سلامتي واري صلاحڪار ڊاڪٽر معيد يوسف ڪميٽي کي پاليسي جي تفصيلن کان آگاهه ڪيو. ڊاڪٽر معيد يوسف ڪميٽي کي ٻڌايو ته قومي سلامتي جي پاليسي انساني، اقتصادي ۽ دفاعي سلامتي جي وچ ۾ تعلق کي نظر ۾ رکندي عوام جي خوشحالي ۽ تحفظ جي لاءِ ??وڙي وئي آهي. هن چيو ت?? اقتصادي سيڪيورٽي ان پاليسي ۾ بنيادي جز آهي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته پاليسي جو مقصد انساني ۽ دفاعي سلامتي ۾ وڌيڪ وسيلن جي فراهمي ۽ سيڙپڪاري کي سگهه ڏيڻ آهي. قومي سلامتي واري صلاحڪار ڪميٽي کي ٻڌايو ته قومي سلامتي پاليسي جي جوڙجڪ جي لاءِ ڌرين ??ان مشاورت جو عمل قومي سلامتي ڊويزن جي قيام کانپوءِ ??ال 2014ع ۾ شروع ڪيو ويو. هن ٻڌايو ته 2018ع ۾ هڪ ڊرافٽنگ ڪميٽي قائم ڪئي وئي هئي جنهن اڳ ۾ ڪيل ڪم کي وڌيڪ اڳتي وڌايو. هن ڪميٽي کي آگاهه ڪيو ته انهن ڪيترن ئي مسودن تي سمورن رياستي ادارن بشمول صوبائي حڪومت ۽ گلگ بلتستان ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي حڪومتن سان مشاورت ڪئي وئي. هن چيو ته پاليسي جي عمل کي وڌيڪ ٺوس بڻائڻ جي لاءِ مشاورتي عمل ۾ سڄي پاڪستان مان 600 کان وڌيڪ تعليمي ماهرن، تجزيه ڪارن، سول سوسائٽي جي ميمبرن ۽ شاگردن سان پڻ مشاورت ۾ شامل ڪيو ويو. قومي سلامتي واري صلاحڪار ٻڌايو ت?? اقتدار جي منتقلي ۽ تيزي سان بدلجندڙ عالمي ح??لتن سان قومي سلامتي پاليسي جي ترجيحن کي هم آهنگ بڻائڻ جي لاءِ قومي سلامتي پاليسي جي دستاويز جو هر سال جائزو ورتو ويندو. پنهنجي بريفنگ جي پڄاڻي تي قومي سلامتي جي صلاحڪار چيو ته تجويز ڪيل قومي سلامتي پاليسي مستقب?? ۾ ??لڪ کي درپيش چئلينجز ۽ موقعن جو خاڪو پيش ڪندي. هن چيو ته هي پاليسي چئلينجز کي منهن ڏيڻ ۽ موقعن مان فائدو کڻڻ جي لاءِ ??هنما اصول فراهم ڪندي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر قومي سلامتي جي پاليسي کي خوش آئنده قرار ڏيندي چيو ته اها پاليسي موجوده حڪومت جي هڪ خوشحال ۽ محفوظ پاڪستان جي عزم جي عڪاسي آهي. هن چيو ته ملڪ ۾ جمهوري ادارن جي مضبوطي جي لاءِ قومي پاليسين ??ي عوامي نمائندن سان مشاورت ضروري آهي. هن چيو تهپ اليسي ملڪ کي مستقب?? ۾ ??يش ايندڙ اندروني ۽ ٻاهرئين چئلينجز جو احاطو ڪندي ۽ انهن جي خاتمي لاءِ ??هنمائي فراهم ڪندي. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن قومي سلامتي پاليسي جي جوڙجڪ تي سيڪيورٽي ڊويزن جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته هي پاليسي محفوظ ۽ خوشحال پاڪستان طرف هڪ مثبت اڳڀرائي ثابت ٿيندي. شرڪت ڪندڙن چيو ته هن وقت ملڪ کي اندروني ۽ ٻاهريان چئلينجز درپيش آهن جن تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ ??هڙي ئي ٺوس سلامتي پاليسي جي ضرورت آهي. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن، سينيٽ ۾ قائد ايوان، قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ميمبرن، قومي سلامتي، دفاع، پرڏيهي معاملن ۽ گهرو ڊويزن جي سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي.
قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر جي صدارت ۾ قومي سلامتي بابت پارلياماني ڪميٽي جو اجلاس
مضمون کا ماخذ : میگا سینا اکمولاڈا