اسلام آباد – 20 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت، پاڪستان ٽيلي ويزن ۽ بگر پڪچر ڪنسلٽنگ جي وچ ۾ ”ٽيپو سلطان: ننڍي کنڊ جي مشهور آزادي پسند جنگجو“ تي تاريخي سيريل تيار ڪر?? لاءِ مفاهمت جي ياد??اش?? تي صحيحون ٿي ويون، ياد??اش?? تي صحيحن جي تقريب ۾ اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، اطلاعات واري سيڪريٽري شاهيره شاهد، پي ٽي وي جو ايم ڊ?? ۽ ??گر پڪچر ڪنسلٽنگ جا نمائندا به موجود هئا. بگر پڪچر ڪنسلٽنگ ٽيپو سلطان جي دور ۽ زندگي تي ڊراما سيريل تيار ڪندي، 6 سيزن (78 قسطن) تي ٻڌل ان سيريل جي شروعاتي سيزن هڪ سال ۾ جاري ڪئي ويندي، مفاهمت جي ياد??اش?? ٻن سالن جي لاءِ ٿيندي، جڏهن ته پروڊڪشن لاءِ متوقع ڏنل ٽائيم لائين هڪ سال هوندو. اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت مسلمانن جي عظيم ۽ تاريخي شخصيت ٽيپو سلطان تي سيريز جي تياري، مارڪيٽنگ ۽ سر??اري ٽي وي (پي ٽي وي) تي براڊ ڪاسٽ ۾ تعاون ڪندي، بگر پڪچر ڪنسلٽنگ ڄاڻايل پروڊڪشن جي تياري ۾ سموري لاڳت بر??اش?? ڪندي، اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ڄاڻايل سيريل جو وقت به وقت ٽيڪنيڪي جائزي وٺڻ سان گڏ وگڏ سيريل جي تياري کان پهرين اسڪرپٽ جو به جائزو وٺندي.
اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت، پاڪستان ٽيلي ويزن ۽ بگر پڪچر ڪنسلٽنگ جي وچ ۾ مفاهمت جي يادداشت تي صحيحون
مضمون کا ماخذ : prêmios dupla sena