اسلام آباد – 06 فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته وزيراعظم جو چين جو دورو اسان جي اميدن کان به وڌيڪ ڪامياب رهيو، سرمائي اولمپڪس تقريب ۾ مختصر پاڪ??تا??ي دستي جو چيني عوام جهڙي طرح استقبال ڪيو ان جو مثال نه ٿو ملي، چين ۽ پاڪ??تا?? هڪ ٻئي سان گڏ بيٺل هئا ۽ بيٺل رهندا، والاريل ڪشمير جي حوالي سان چين ۽ پاڪ??تا?? جي سوچ ۾ هڪ جهڙائي آهي، مارچ جي آخري هفتي ۾ چين جو دورو ڪندس، بيجنگ ۾ افغان??تا?? جي سمورن پاڙيسري ملڪن جو اهم اجلاس ٿيندو. وزيراعظم عمران ??ان جي چين جي دوري جي حوالي سان وفاقي وزيرن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي پرڏيهي وزير چيو ته وزيراعظم عمران ??ان جي چين جي صدر شي جن پنگ سان تفصيلي ملاقات ٿي، جڏهن ته ملاقات ۾ گڏيل لاڳاپن ۽ سي پيڪ منصوبن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. هن چيو ته صدر شي جن پنگ سان ايتري ٺوس ۽ تفصيلي ملاقات اڳ ۾ ناهي ٿي. وزيراعظم عمران ??ان جون ناليوارين چيني ڪمپنين سان 18 کان 20 ملاقاتون ٿيون. پرڏيهي وزير چيو ته پنهنجي چيني هم منصب وانگ يي سان ملاقات ۾ طئي ٿيو ته افغان صورتحال جي حوالي سان مارچ جي آخري هفتي ۾ چين جو دورو ڪندس، افغان معاملي تي حڪمت عملي طئي ڪرڻ جي لاءِ بيجنگ ۾ افغان??تا?? جي سمورن ويجهي پاڙيسري ملڪن جو به اهم اجلاس ٿيندو. شاهه محمود قريشي چيو ته چين افغان??تا?? ۾ پاڪ??تا?? جي ڪردار کي سار??هي?? آهي، ان کانسواءِ چين، پاڪ??تا?? ۽ افغان??تا?? جي ٽه ڌريي گروپ کي ٻيهر فعال ڪنداسين. پرڏيهي وزير چيو ته مودي جي حڪومت جي دور ۾ مسلمانن سميت ڀ??رت?? اقليتن تي ظلم ڪيا پيا وڃن، ڀارت ۾ مسلمانن سميت سمورن اقليتن سان ٿيندڙ اڻوڻندڙ سلوڪ تي سخت ڳڻتي آهي، اتي انساني حقن کي پائمال ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته والاريل ڪشمير تي چين پاڪ??تا?? جي موقف جي مڪمل حمايت کي ورجايو آهي، والاريل ڪشمير جي حوالي سان چين ۽ پاڪ??تا?? جي سوچ ۾ هڪ جهڙائي آهي. هن چيو ته چين جي قيادت سان اقتصادي تعاون جي وڌيڪ فروغ بابت تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي، وزيراعظم عمران ??ان چين جي ناليوارين ٿنڪ ٽينڪس ۾ پاڪ??تا?? جي موقف کي اجاگر ڪيو. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪ??تا??ي دستي جو اسٽيڊيم اچڻ تي چيني عوام جهڙي طرح استقبال ڪيو ان جو مثال نه ٿو ملي، فيصلو ٿيو آهي ته ڪامياب چين جي دوري جي نتيجن کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ فالو اپ مڪينزم بڻايو ويندو.
وزيراعظم جو چين جو دورو اسان جي اميدن کان به وڌيڪ ڪامياب رهيو: پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي
مضمون کا ماخذ : گولڈ رش