قلعه سيف الله – 01 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف هدايت ڪئي آهي ته طوفاني برساتن ۽ ٻوڏ سبب ٿيندڙ نقصانن جو ڪاٿو لڳائڻ لاءِ اين ڊي ا??م اي ۽ پي ڊي ا??م اي گڏجي سروي ڪن، متاثرين کي رهائش، خوراڪ ۽ علاج جون سموريون سهولتون فراهم ڪيون وڃن. هن اها هدايت خوشنوب خيما بستيءَ جي دوري دوران ڏني. ان موقعي تي بلوچستان جو وڏ?? وزير عبدالقدوس بزنجو، هائوسنگ وارو و??اقي وزير مولانا عبدالواسع، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، منشيات جي خاتمي وارو و??اقي وزير شاهه زين بگٽي، دفاعي پيداوار وارو و??اقي وزير اسرار ترين، توانائي وارو مملڪتي وزير محمد هاشم نوتيزئي ۽ قومي اسيمبلي جو ميمبر صلاح الدين ايوبي به وزيراعظم سان گڏ هو. وزيراعظم کي ا??ن ڊي ا??م اي ۽ پي ڊي ا??م اي جي عمل??ار?? طوفاني برساتن ۽ ٻوڏ سبب فصلن، باغن، روڊن ۽ ننڍن ڊيمن کي ٿيندڙ نقصانن، ريسڪيو ۽ امدادي سرگرمين بابت بريفنگ ڏني. وزيراعظم کي ٻڌايو و??و ته لسٻيلا، ڪيچ، ڪوئيٽا، هرنائي، قلعه سيف الله ۽ ٻين ضلعن ۾ برساتن ۽ ٻوڏ سبب باغن، فصلن ۽ گهرن کي نقصان پهتو آهي. وزيراعظم کي ٻڌايو و??و ته زوب ڊويزن ۾ ماڻهن جو اڪثر ??ار??مدار زراعت ۽ چوپايو مال پالڻ تي آهي، اتي به تمام گهڻو نقصان ٿيو آهي. اٽڪل 10 هزار ڊيمن ۽ ماڻهن کي نقصان پهتو آهي. صوبي جي سمورن ضلعن ۾ ٿيندڙ نقصانن جي ا??گن اکرن کي گڏ ڪيو پيو وڃي جنهن جي بنياد تي بحالي جي سرگرمين کي اڳتي وڌايو و??ندو. بيمارين کي روڪڻ ۽ مريضن جي علاج جي لاءِ ميڊيڪل ڪئمپ پڻ لڳايون ويون آهن جتي ماڻهن کي علاج جي بهترين سهولتن کي يقيني بڻايو و??و آهي. ان کانسواءِ ويٽرنري اسپتالن جو به انتظام ڪيو و??و آهي. ماڻهن تائين روزاني جي استعمال جون شيون ۽ ٻيون ضروري شيون پهچائڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. وزيراعظم اين ڊي ا??م اي ۽ پي ڊي ا??م اي جي عمل??ار?? کان نقصانن ۽ امدادي ڪاررواين بابت معلومات ورتي. لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن پنهنجي پنهنجي کاتن پاران متاثرين جي ا??داد لاءِ کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم کي ٻڌايو و??و ته ريسڪيو ۽ امدادي سرگرمين ۾ پاڪ فوج ۽ ايف سي جي ا??لڪارن ڀرپور مدد ڪئي آهي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته متاثرين جي هر طرح سان دادرسيءَ ڪئي وڃي ۽ انهن کي رهائش، خوراڪ ۽ ٻيون سهولتون پهچايون وڃن. وزيراعظم خيما بستيءَ ۾ قائم ميڊيڪل ڪئمپ جو به دورو ڪيو ۽ اتي ماڻهن کان علاج جي سهولتن جي فراهمي بابت معلوم ڪيو.
نقصانن جو ڪاٿو لڳائڻ لاءِ اين ڊي ايم اي ۽ پي ڊي ايم اي گڏجي سروي ڪن: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا علاقائی