آستانه – 12 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف س??ڪا جي ڇهين سربراهي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ ٻن ڏينهن جي دوري تي قازقستان پهچي ويو ??هي. قزاخستان جي گادي واري شهر آستانه پهچڻ تي وزيراعظم محمد شهباز شريف جو شاندار استقبال ڪيو ويو. قازقستان جي نائب وزيراعظم نور سلطان بايوف وزيراعظم جي آجيان ڪئي. ڪابينا جي ميمبرن ۽ اعليٰ عملدارن تي ٻڌل وفد وزيراعظم محمد شهباز شريف سان گڏ ??هي. وزيراعظم ايشيا ۾ رابطن ۽ اعتمادسازي جي قدمن تي ڪانفرنس جي ڇهين سربراهي اجلاس ۾ شريڪ ٿيندو. وزيراعظم 13 آڪٽوبر 2022ع تي س??ڪا جي سربراهي اجلاس کي خطاب ڪندو. پنهنجي خطاب ۾ وزيراعظم س??ڪا جي اهميت تي روشني وجهندو. س??ڪا ايشيائي ملڪن کي درپيش چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ رابطن جي فروغ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو ??هي. پنهنجي خطاب ۾ وزيراعظم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پاڪستان جي موقف کان آگاهه ڪندو. ياد رهي ته سربراهي اجلاس اربع کان آستانه ۾ شروع ٿيندو.
وزيراعظم ٻن ڏينهن جي دوري تي قازقستان پهچي ويو
مضمون کا ماخذ : سانتا کی جنگلی سواری۔