ويلنيئس – 21 – فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ليٿوانيا جي پرڏيهي وزير گيبريلس لئنڊسبرگ سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن بشمول واپار، سيڙپڪاري ۽ تعليم جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي ??الهه ٻولهه ٿي. ٻنهي وزيرن جي وچ ۾ علائقائي ۽ عالمي معاملن ??ي پڻ خيالن ??ي ڏي وٺ ٿي. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ ليٿوانيا جي پرڏيهي وزير گيبريلس لئنڊسبرگ ٻطرفي مشاورتي مڪينزم قائم ڪرڻ بابت معاهدي تي پڻ صحيحون ڪيون.
پرڏيهي وزير ??يٿوانيا جي گادي واري شهر ولنيئس جي تاريخي دوري تي آهي، اهو ڪنهن به پاڪستاني پرڏيهي وزير ??اران بالٽڪ علائقي جو پهريون دورو آهي. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ليٿوانيا جي پارليامينٽ جو دورو ڪيو ۽ ليٿوانيا جي آزادي جي جدوجهد ۾ جانيون قربان ڪندڙن جي يادگار تي ??لن ??ي چادر چاڙهي.
پرڏيهي آفيس موجب پرڏيهي وزير ??يٿوانيا جي پارليامينٽ جي اسپيڪر وڪٽوريا سميليتي نيلسن سان پڻ ملاقات ڪئي. بلاول ڀٽو زرداري عوامي رابطن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ پارلياماني مٽاسٽا جي اهميت کي ورجايو.
پرڏيهي وزير ??يٿوانيا جي ٽرانسپورٽ ۽ مواصلات واري وزير ??اريئس اسڪوڊيس سان پڻ ملاقات ڪئي. ٻنهي وزيرن ٻطرفو تعاون وڌائڻ تي خيالن ??ي ڏي وٺ ڪئي.