لنڊن – 03 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم مح??د شهباز شريف پنهنجي برطانيا جي دوري جي لاءِ لنڊن پهچي ويو. لنڊن پهچڻ تي پاڪستان جي برطانيا ۾ هاءِ ڪم??نر ۽ برطانيا جي پرڏيهي وزير جي خصوصي نمائ??دي وزيراعظم جو استقبال ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا و??گ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم پنهنجي دوري دوران برطانيا جي بادشاهه چارلس ٽئين جي تاج پوشي رسم ۾ شرڪت ڪندو. ان کانسواءِ وزيراعظم دولت مشترڪه جي ميمبر ملڪن جي سربراهن جي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. وزيراعظم بادشاهه چارلس ٽئين پاران تاج پوشي جي تقريب ۾ شرڪت جي لاءِ آيل ملڪي سربراهن جي اعزاز ۾ ٿيندڙ دعوت ۾ شرڪت ڪندو جتي وزيراعظم جون ٻطرفيون ملاقاتون پڻ متوقع آهن. وزيراعظم پنهنجي دوري دوران لنڊن ۾ مي??ن مح??د نواز شريف سان ملاقات پڻ ڪندو.
مضمون کا ماخذ : لوٹومینیا اکومولڈا