اسلام آباد – 17 – مئي (اي پي پي) وزير??عظ?? محمد شهباز شريف ۽ ايران جو صدر سيد ابراهيم رئيسي سڀاڻي خميس 18 مئي تي مند پشين ??ارڊر ڪراسنگ پوائنٽ تي مند – پشين ??ارڊر سسٽينينس ??ارڪيٽ پليس ۽ پولان – گب?? بجلي ٽرانسميشن لائين ??و گڏيل طور تي افتتاح ڪندا. پاڪ ايران گڏيل سرحد سان گڏ تعمير ڪئي ويندڙ 6 سرحدي مارڪيٽن مان هڪ مند – پشين ??ارڊر سسٽينينس ??ارڪيٽ پليس سرحد پار واپار کي وڌائڻ، اقتصادي ترقي کي فروغ ڏيڻ ۽ مقامي ڪاروبار جي لاءِ موقعن جون نيون راهون کولڻ جي لاءِ هڪ فروغ پذير پليٽ فارم فراهم ڪندي. اهڙي طرح پولان – گبد اليڪٽرسٽي ٽرانسميشن لائين ??يران کان 100 ميگاواٽ اضافي بجلي آڻي خاندانن ۽ ڪاروباري ادارن سميت خطي جي توانائي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب گڏيل افتتاح ترتيبوار پاڙِسري صوبن بلوچستان ۽ سيستان ۽ بلوچستان جي رهواسين ??ي ڀلائي لاءِ پاڪستان ۽ ايران جي مضبوط عزم جو مظهر آهي. اهو قدم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن ۾ هڪ اهم اڳڀرائي طور تي پڻ ڪم ڪري ٿو.
وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ايران جو صدر سيد ابراهيم رئيسي 18 مئي تي مند پشين بارڊر ڪراسنگ پوائنٽ تي مختلف منصوبن جو گڏيل افتتاح ڪندا
مضمون کا ماخذ : فروٹ شاپ