اسلام آباد – 25 – مئي (اي پي پي) پاڪستان سري??گر ۾ جي – 20 اجلاس ۾ شرڪت نه ??رڻ تي چين، سعودي عرب، ترڪيه، مصر ۽ اومان کي شاندار لفظن ۾ ساراهيندي چيو آهي ته اهي ملڪ عالمي قانون ۽ گڏيل قومن جي چارٽر جي بالادستي جي لاءِ بيٺل آهن، پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ج?? لاڳاپيل قراردادن موجب ڪشميري عوام جي انهن جي خودمختياري جي حق حاصل ??رڻ جي منصفاڻي جدوجهد جي اخلاقي، سفارتي ۽ سياسي حمايت جاري رکندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ جي – 20 ٽوئرازم ورڪنگ گروپ جي اجلاس جي ميزباني ??رڻ جي ڀارتي قدم کي رد ڪندي چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير عالمي طور تي مڃيل تڪراري علائقو آهي، اهو تڪرار 7 ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي کان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ج?? ايجنڊا تي موجود آهي، ان پس منظر ۾ ڀارت گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ج?? لاڳاپيل قراردادن، گڏيل قومن جي چارٽر جي اصولن ۽ عالمي قانون کي مڪمل طور تي نظرانداز ڪندي پنهنجي غيرقانوني طور تي قبضي ه??ٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ان اجلاس جي ميزباني ڪئي. ترجمان چيو ته جي – 20 اجلاس جو تڪراري علائقي ۾ منعقد ٿيڻ ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي ه??ٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي ماڻهن سان غداري آهي، گذريل 7 ڏهاڪن کان هو ان انتظار ۾ آهن ته عالمي برادري انهن جي خراب حالت تي ڌيان ڏي ۽ انساني حقن جي خلاف ورزين جو خاتمو ڪري. هن چيو ته مقامي آبادي کي يرغمال بڻائي ۽ انهن کي انهن جي حقن ۽ آزادي کان محروم ڪري سياحت ۽ ترقي کي فروغ نه ٿو ڏئي سگهجي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته سري??گر ۾ جي – 20 اجلاس منعقد ??رڻ سان ڀارت والاريل ڪشمير ۾ پنهنجي غيرقانوني قبضي ۽ ڪشميري عوام تي ظلم ۽ ڏاڍ جي حقيقت کي نه ٿو لڪائي سگهي. هن ڀارت پاران ڪشمير ۾ حالتون معمول تي اچڻ جي دعويٰ کي رد ڪندي چيو ته تلخ حقيقت اها آهي ته ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي ه??ٺ ڄمون ۽ ڪشمير زمين تي سڀ کان وڏي فوجي علائقن مان هڪ آهي. هن چيو ته سري??گر اجلاس جي ڀرپاسي انتهائي حفاظتي قدم، وڏي پئماني تي گرفتاريون ۽ مقامي آبادي کي هراسان ??رڻ نئين آبادياتي علائقي ۾ معمول ج?? حالتن جي دعوائن جي ترديد ڪن ٿا. ترجمان چيو ته ڀارت پنهنجي غيرقانوني طور تي قبضي ه??ٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ حالتن کي معمول تي آڻڻ جي پٺيان لڪائڻ ۾ واضح طور تي ناڪام رهيو آهي، جيڪو سري??گر اجلاس ۾ هيٺئين سطح جي نمائندگي ۽ ڪيترن اهم نمائندن جي غيرموجودگي مان ظاهر ٿئي ٿو. هن سري??گر اجلاس ۾ شرڪت نه ??رڻ تي عوامي جمهوريه چين، سعودي عرب، جمهوريه ترڪيه، عرب جمهوريه مصر ۽ سلطنت اومان کي ساراهيندي چيو ته اهي ملڪ عالمي قانون ۽ گڏيل قومن جي چارٽر جي بالادستي جي لاءِ بيٺل آهن. ترجمان واضح ڪيو ته جي – 20 جو قيام بنيادي طور تي عالمي مالياتي ۽ اقتصادي مسئلن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ڪيو ويو هو، ڀارت پنهنجي غيرقانوني قبضي ه??ٺ علائقي ۾ ان اجلاس کي منعقد ڪري هڪ ٻئي عالمي فورم تي سياست ڪئي آهي ۽ هو پنهنجي مفاداتي ايجنڊا کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ موجوده چيئر جي حيثيت سان پنهنجي حيثيت جو ناجائز فائدو کڻي رهيو آهي. هن چيو ته ان بدران ڀارت کي عالمي ميڊيا ۽ آزاد انساني حقن جي تنظيمن کي پنهنجي غيرقانوني طور تي قبضي ه??ٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي صورتحال تي رپورٽ ??رڻ جي لاءِ گه??ائي بنا روڪ ٽوڪ جي پهچ فراهم ڪرڻ گه??جي ۽ اتي جاري ڏاڍ جو خاتمو ??رڻ سان گڏوگڏ گڏيل قومن جي ڪميشن آف انڪوائري جي قيام سان اتفاق ڪرڻ گه??جي ۽ ڪشمير جي ماڻهن جي لاءِ گڏيل قومن جي نگراني ه??ٺ ريفرنڊم ڪرائڻ گه??جي ته جيئن اهي پنهنجي مستقبل ج?? پاڻ تعين ڪري سگهن. ترجمان چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ج?? لاڳاپيل قراردادن موجب ڪشميري عوام جي انهن جي خودمختياري جي حق حاصل ??رڻ جي منصفاڻي جدوجهد جي اخلاقي، سفارتي ۽ سياسي حمايت جاري رکندو. هن چيو ته 22 مئي تي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي قانونساز اسيمبلي کي خطاب ڪيو، هو آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي قانونساز اسيمبلي کي خطاب ڪندڙ پاڪستان جو پهريون پرڏيهي وزير آهي. ترجمان چيو ته پرڏيهي وزير پنهنجي خطاب ۾ ڪشميري عوام جي ه??ت کي سلام پيش ڪيو ۽ شهيدن کي زبردست خراج عقيدت پيش ڪيو. هن لائين آف ڪنٽرول ويجهو رهندڙ آبادي سان مخلصاڻي ه??دردي جو اظهار ۽ ڪشميري عوام سان پاڪستان جي پراڻي ڳانڍاپي ۽ يڪجهتي جو ورجاءُ ڪيو.
پاڪستان پاران سرينگر ۾ جي – 20 اجلاس ۾ شرڪت نه ڪرڻ تي چين، سعودي عرب، ترڪيه، مصر ۽ اومان جي شاندار لفظن ۾ ساراهه
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کے نمبر