اسلام آباد – 04 –جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ترقياتي منصوبن ۾ معيار ۽ شفافيت يقيني بڻائڻ جي هدايت ??ندي چيو آهي ته سڄي ملڪ ۾ جاري عوامي سهولت جي ميگا پراجيڪٽس تي ڪم جي رفتار کي تيز ڪيو وڃي، نوجوانن جي ترقي ۽ عورتن کي خودمختيار بڻائيندڙ منصوبن کي ترجيحي بنيادن تي شروع ڪيو وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت هيٺ هلندڙ مالي سال ۾ ترقياي منصوبن بابت اعليٰ سطح جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن اسحاق ڊار، خو??جه آصف، احسن اقبال، وزيراعظم جي صلاحڪار احد خان چيما، خاص معاونين ملڪ احمد خان، شزا فاطمه خو??جه ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس کي مالي سال 24 – 2023ع ۾ ترقياتي ڪمن ۽ ان تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي نوجوانن ۽ عورتن جي ترقي، زراعت، صنعت، انفراسٽرڪچر ۽ ٻين شعبن جي ترقياتي منصوبن جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني وئ??. اجلاس کي بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته سڄي پاڪستا?? بشمول گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ وزيراعظم ميرٽ اسڪالرشپ جي شروعات ڪئي پئي وڃي. پوري پاڪستان ۾ وزيراعظم يوٿ پروگرام تحت باصلاحيت نوجوانن کي ليپ ٽاپ جي فراهمي جو عمل جلد شروع ڪيو ويندو. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته ترقياتي منصوبن ۾ عوامي ڀلائي جي منصوبن کي ترجيح ڏني وڃي. سڄي ملڪ ۾ جاري عوامي سهولت جي ميگا پراجيڪٽس تي ڪم جي رفتار کي تيز ڪيو وڃي. هلندڙ مالي سال پٺتي پيل علائقن جي ترقي تي خاص ڌيان ڏنو وڃي. هن چيو ته نوجوانن جي ترقي ۽ عورتن کي خودمختيار بڻائيندڙ منصوبن کي ترجيحي بنيادن تي شروع ڪيو وڃي. هن چيو ته زراعت جي شعبي جي ترقي ۽ ٽيوب ويلز جي سولرائيزيشن جي منصوبي تي پڻ جلد ڪم شروع ڪيو وڃي. وزيراعظم سمورن منصوبن ۾ معيار ۽ شفافيت يقيني بڻائڻ جي هدايت ??ئي. وزيراعظم سمورن منصوبن جي مقرر مدي ۽ حڪمت عملي تي پڻ تفصيلي رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ??ئي.
وزيراعظم پاران ترقياتي منصوبن ۾ معيار ۽ شفافيت يقيني بڻائڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : میگا فارچیون