اسلام آباد – 20 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل قومن جي چارٽر موجب ڳالهين ۽ سفارتي حل جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته يو??رين تڪرار ??ان ڪيترن ئي ملڪن جي معيشتن کي نقصان پهتو آهي، وزيراعظم پاڪستان ۽ يو??رين جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جو عزم پڻ ظاهر ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان يو??رين جي پرڏيهي معاملن واري وزير ديمترو ڪوليبا ملاقات ڪئ??. و??يراعظم يو??رين جي آزادي کانپوءِ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گرمجوش ۽ دوستاڻن لاڳاپن کي ياد ڪيو. هن ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جو عزم ڪيو. ان موقعي تي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار، سيڙپڪاري، دفاع، تعليم ۽ ثقافت سان گڏوگڏ ڏکڻ ايشيا ۽ يوريشيا جي خطن ۾ سلامتي جي صورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئ??. و??يراعظم ان ڳالهه تي روشني وڌي ته يو??رين جي تڪرار ??و عالمي سطح تي وڏو اثر پيو آهي جنهن سان ڪيترن ئي ملڪن جي معيشتن کي نقصان پهتو آهي. هن گڏيل قومن جي چارٽر موجب ڳالهين ۽ سفارتي حل جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. يو??رين جي پرڏيهي وزير وزيراعظم کي يو??رين جي موجوده صورتحال تي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته سندس ملڪ سدائين تعاون ۽ دوستي تي ٻڌل پراڻن ۽ خوشگوار لاڳاپن جو فائدو کنيو آهي جنهن جو گڏيل مقصد عالمي امن ۽ علائقائي استحڪام ۾ ڪردار ??دا ڪرڻ آه??. و??ضح رهي ته يو??رين جو پرڏيهي وزير 20 کان 21 جولاءِ 2023ع تائين پاڪستان جي دوري تي آهي.
يوڪرين تڪرار سان ڪيترن ئي ملڪن جي معيشتن کي نقصان پهتو آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : میگا جیک پاٹس: کلیوپیٹرا