اسلام آباد – 27 – جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪيپٽن راجا محمد سرور شهيد (نشان حيدر) جي شهادت جي ڏهاڙي تي سندس پوٽي سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو ۽ پاڪست??ن جو پهريون نشان حيدر ماڻيندڙ ڪيپٽن سرور شهيد کي خراج عقيدت پيش ڪيو. ايوان صدر جي پ??يس ونگ پار??ن جاري بيان موجب صدر شهيد جي پوٽي راجا عديل سرور سان ڳالهه ٻولهه ڪندي شهيد جي وطن جي لاءِ خدمتن ۽ ملڪ جي دفاع خاطر عظيم قرباني پيش ڪرڻ تي سلام پيش ڪيو. هن شهيد جي خاندان کي به بهادر فرزند قوم جي لاءِ پيش ڪرڻ تي سلام پيش ڪيو ۽ شهيد جي بهادري، فرض سان محبت ۽ وطن جي جان ڏيڻ جي جذبي کي ساراهيو. ص??ر قوم ۽ پنهنجي پ??ران شهيد جي خاند??ن جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته قوم ج?? شهيد قوم جا محسن آهن، قوم سدائين انهن جي ٿورائتي رهندي. ان موقعي تي صدر شهيد جي لاءِ بلند درجن ۽ مغفرت جي دعا ڪئي.
مضمون کا ماخذ : میٹھا بونانزا