راولپنڊي – 18 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات و??ري نگران وفاقي وزير راولپنڊي ۾ قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبر طاهره اورنگزيب جي رهائشگاهه تي ويو ۽ اطلاعات و??ري اڳوڻي وفاقي وزير ۽ مسلم ليگ (ن) جي ترجمان مريم اورنگزيب سان ملاقات ڪئي. اطلاعات و??ري اڳوڻي وزير مريم اورنگزيب اطلاعات وارو نگران وزير بڻجڻ تي مرتضيٰ سولنگي کي مبارڪباد ڏني ۽ دعا ڪئي ته تو??ان ان قومي ذميو??ري ۾سرخرو ٿيو. اطلاعات و??ري نگران وزير مرتضيٰ سولنگي مريم اورنگزيب جي گهرڀاتين ۽ ٻارن سان پڻ ملاقات ڪئي. ان موقعي تي نگران وفاقي وزير مريم اورنگزيب کي 16 مهينن ۾ اطلاعات و??ري وزارت کي بهترين انداز ۾ هلائڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته پيمرا (ترميمي) بل 2023ع جي شاندار قانونسازي تو??ان جي جمهوري مزاج ۽ مشاورت جي هنر جو ڪمال ثابت ٿيو. هن چيو ته مريم اورنگزيب ڪارڪردگي جو معيار قائم ڪيو، ڪوشش هوندي ته ان جو تسلسل ج??ري رکي سگهان. اطلاعات و??ري نگران وزير مرتضيٰ سولنگي مريم اورنگزيب سان ملڪ جي مجموعي صورتحال ۽ اطلاعات ۽ نشريات و??ري وزارت جي حوالي سان معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ان کان اڳ اچڻ تي مريم اورنگزيب پنهنجي والده طاهره اورنگزيب ۽ ٻين گهرڀاتين سان گڏ مرتضيٰ سولنگي جو استقبال ڪيو ۽ کيس گلدستو پيش ڪيو. اطلاعات و??ري نگران وزير نيڪ خواهشن جي اظهار ۽ مبارڪباد تي طاهره اورنگزيب، مريم اورنگزيب، حسن اورنگزيب ۽ ٻين گهرڀاتين جا ٿورا مڃيا.
اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير جي اطلاعات واري اڳوڻي وفاقي وزير ۽ مسلم ليگ (ن) جي ترجمان مريم اورنگزيب سان ملاقات
مضمون کا ماخذ : اولمپس کے خدا