باڪو -10 آڪٽوبر (اي پي پي) اقتصادي سهڪار تنظيم اي سي او جي ميمبر ملڪن جي وزيرن جي ڪائونسل جو 27 هون اجلاس اڱاري کان آذربائيجان جي ميزباني ۾ شروع ٿي ويو. ان کان اڳ اقتصادي سهڪار تنظيم جي ميمبر ملڪن جي اعليٰ سطحي عهديدارن جو اجلاس منعقد ٿيو آذربائيجان جي نائب پرڏيهي وزير اجلاس جي صدارت ڪئي. اقتصادي سهڪار تنظيم جو اجلاس آذربائيجان جي شهر شوشا ۾ منعقد ٿيندڙ اي سي او جي وزيرن جي ڪائونسل جي 27هين ايجن??ا تي غور ويچار ڪيو ويو. پاڪستان جو نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني آذربائيجان ۾ ٿين??ڙ وزيرن جي ڪائونسل جي اجلاس ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪري رهيو آه??. اجلاس ۾ آذربائيجان جي پرڏيهي وزير جيهون بيراموف ۽ پاڪستان سميت اقتصادي سهڪار تنظيم جي ميمبر ملڪن جا پرڏيهي وزير اجلاس ۾ شرڪت ڪري رهيا آه??. پاڪستاني پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني ڪائونسل آف منسٽرز (سي او ايم)جي اجلاس جي موقعي تي ميمبر ملڪن جي وزيرن ۽ ٻين اهم شخصيتن سان ٻه طرفيون ملاقاتون پڻ ڪندو. اقتصادي سهڪار تنظيم ۾ پاڪستان ۽ آذربائيجان کان علاوه ??رڪيه، ايران، افغانستان، قزاخستان، ڪرغزستان، تاجڪستان، ترڪمانستان ۽ ازبڪستان شامل آه??.
پاڪستان سميت اقتصادي سهڪار تنظيم جي ميمبر ملڪن جي وزيرن جي ڪائونسل جو اجلاس آذربائيجان جي ميزباني ۾ شروع
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری کے انعامات