اسلام آباد – 08 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلي??ما??ي معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چونڊن بابت سمورين خبرن ت?? اليڪشن ڪميشن جو موقف ضرور معلوم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. سماجي رابطي جي پليٽ فارم ”ايڪس“ تي پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ اطلاعات ۽ پارلي??ما??ي معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته حقيقتن ت?? هلو، جيڪڏهن شڪ هجي ته تصديق ڪريو، چونڊن بابت سمورين خبرن ت?? اليڪشن ڪميشن جو موقف ضرور معلوم ڪريو. اطلاعات ۽ پارلي??ما??ي معاملن واري نگران وفاقي وزير پنهنجي ٽوئيٽ سان گڏ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي پريس يلز پڻ شيئر ڪئي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته مي??يا چينل 92 نيوز تي 8300 (ايس ايم ايس) سروس تي اڌوري معلومات فراهم ڪرڻ بابت خبر صحيح نه آهي. اصل حقيقت اها آهي ته پولنگ اسٽيشنن جي فهرست جي حتمي ڇپائي چونڊن کان 15 ڏينهن اڳ ڪئي وڃي ٿي ۽ هن وقت ووٽرز پنهنجو شمارياتي بلاڪ ڪوڊ چونڊ فهرست ۾ سلسلي نمبر، خاندان نمبر، صوبائي ۽ قومي اسيمبلي جي تڪ نمبر ۽ پولنگ اسٽيشن جو نالو معلوم ڪري سگهن ٿا. هن وقت پولنگ اسٽيشنن جي لسٽن جي تڪ وار شروعاتي ڇپائي ڪئي وئي آهي ۽ ان ت?? ووٽرز پنهنجا اعتراض ۽ تجويزون ڊسٽرڪٽ رٽرننگ آفيسر وٽ 11 جنوري 2024ع تائين ??مع ڪرائي سگهن ٿا ۽ ڊسٽرڪٽ رٽرننگ آفيسر 17 جنوري 2024ع تائين انهن اعتراضن/ تجويزن ت?? فيصلو ڏيندا. پولنگ اسٽيشنن جي لسٽن جي حتمي ڇپائي چونڊن کان 15 ڏينهن اڳ ڪئي ويندي. ڇپائي کانپوءِ 8300 (ايس ايم ايس) تي ووٽر جي مٿي ڄاڻايل دستاويزن جا تفصيل ڏنا وڃن ٿا. پوسٽل بيلٽ جو حق استعمال ڪندڙ ووٽرز گهربل معلومات لاڳاپيل ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر جي آفيسن ۾ موجود چونڊ فهرستن تان حاصل ڪري سگهن ٿا.
چونڊن بابت سمورين خبرن تي اليڪشن ڪميشن جو موقف ضرور معلوم ڪرڻ ضروري آهي: نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : خیبر پختونخوا لاٹری